پاڪستان تحريڪ انصاف خيبرپختونخوا ۾ اختلاف ظاهر ٿي پيا آهن. پارٽي ذريعن موجب علي امين گنڊاپور خلاف اڳوڻن ۽ موجوده قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن تي ٻڌل گروپ سرگرم ٿي ويو آهي.
پي ٽي آءِ جي ڪاوڙيل گروپ کي گورننس ۽ مبينا بدعنواني تي خدشا آهن، وزير کاتن ۾ علي امين گنڊاپور جي غير معمولي مداخلت تي به ڪاوڙيل آهن.
ذريعن موجب عاطف خان صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ملڻ تي علي امين گنڊاپور سان ڪاوڙيل هو، صوبائي اسيمبلي ميمبر نه بڻجڻ تي عاطف خان وڏ وزارت جي ڊوڙ کان ٻاهر هو.
ذريعن موجب عاطف خان کي صوبائي اسيمبلي جي ٽڪيٽ نه ڏيڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ باني جو هو. گورننس تي صوبائي وزير شڪيل خان پي ٽي آءِ باني کي شڪايت به ڪئي هئي ۽ ان حوالي سان پريس ڪانفرنس به ڪئي هئي.
ڪاوڙيل گروپ پرويز خٽڪ ۽ محمود خان جي حڪومت جي دور ۾ به سرگرم هو، محمود خان پي ٽي آءِ باني جي منظوري سان ٽن وزيرن کي ڪابينا مان هٽايو هو.
عاطف خان نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته منهنجو حڪومت سان ڪو واسطو ناهي، پي ٽي آءِ باني کي گورننس بابت شڪايت ملي ته هن ڪاميٽي ٺاهي.
ٻئي پاسي اطلاعات بابت صلاحڪار بئريسٽر سيف پارٽي ۾ گروپ بندي جي خبرن کي رد ڪري ڇڏيو آهي.