اينٽي نارڪو ٽيڪس فورس جي عملي ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي هڪ گاڏي مان 30 ڪلو گرام کان وڌيڪ اعليٰ ڪوالٽي جي هيروئن هٿ ڪري ورتي.
اي اين ايف جي ترجمان موجب ڳجهي اطلاع تي ڪراچي ۾ ضياءُالدين احمد روڊ تي ڪارروائي ڪئي وئي، چيڪنگ دوران هاءِ لڪس ريوو گاڏي مان 30 ڪلو گرام هيروئن(ڪرسٽل) هٿ آئي، جنهن کان پوءِ موقعي تي موجود ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان موجب هٿ آيل منشيات جي عالمي مارڪيٽ ۾ ماليت 6 ملين ڊالر آهي، گرفتار جوابدارن جي خلاف منشيات ايڪٽ جي تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي.