تازا ترين

جي يو آءِ تحريڪ انصاف کي ڳالهين جي دعوت ڏئي ڇڏي

جمعيت علماءِ اسلام ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف وچ ۾ ڳالهين جي حوالي سان اهم اڳڀرائي سامهون اچي وئي آهي.

ذريعن موجب جي يو آءِ جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي يو آءِ ڳالهين واري ڪميٽي کي پي ٽي آءِ  جي ڳالهين واري ڪميٽي سان جلد ڳالهيون ڪرڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

ذريعن چيو آهي ته جي يو آءِ مذاڪراتي ڪميٽي جي سربراهه  سينيٽر ڪامران مرتضيٰ پي ٽي آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جي اڳواڻ اسد قيصر کي ڳالهين جو پيغام ڏنو.

ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي  ڳالهين واري ڪميٽي باني چيئرمين سان ايندڙ ٻن ڏينهن دوران اجازت وٺي جي يو آءِ  کي ڳالهين جو وقت ۽ جڳهه ٻڌائيندي.

جي يو آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي عمري کان واپسي تي مولانا فضل الرحمان سان مشاورت ڪئي جنهن کان پوءِ مولانا فضل الرحمان ڳالهين جي لاءِ ڪميٽي  کي اجازت ڏئي ڇڏي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے