خيبرپختونخواهه جي حڪومت وزيرن جي ڪارڪردگي کانئن انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪري ورتو آهي.
صوبائي وزيرن کان اطلاعات کاتي جي سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي انٽرويوز ورتا ويندا جڏهن ته ڪي پي ڪي حڪومت موجب شهري انٽرويوز ۾ سڌو سنئون پنهنجون شڪايتون وزيرن تائين پهچائي سگهن ٿا.
انٽرويو ۾ وزيرن کان انهن جي ڪارڪردگي جي باري ۾ پڇيو ويندو. جڏهن ته انٽرويوز بابت مهم کي(آسڪ منسٽر) جو نالو ڏنو ويو آهي.
اختيارين موجب شهري انٽرويو جي دوران وزيرن کي پنهنجي علائقي جي مسئلن جي باري ۾ آگاهه ڪندا ۽ وزير شهرين جي شڪايتن جو ازالو ڪندا.
صوبائي حڪومت موجب عوامي مفاد ۾ وزيرن کان انٽرويو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه جي حڪومت موجب انٽرويو وٺڻ جو سلسلو لاڳيتو جاري رهندو.