دادو ۾ نيو سبزي منڊي ويجهو هٿياربند هڪ گهر تي حملو ڪري پرڻيل ناريءَ کي پٽ سميت اغوا ڪري ويا، مزاحمت تي 2 ڄڻا زخمي، پوليس 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو
اي سيڪشن ٿاڻي جي پوليس موجب 3 ڏينهن اڳ ناري انعم شاهاڻي کي مبينا طور اغوا ڪيو ويو هو، جوابدارن پلاند طور گهر تي چڙهائي ڪري پرڻيل ناري ريشما کوسو ۽ سندس 8 سالن جي پٽ راجا کي اغوا ڪري ورتو
مزاحمت دوران 2 ڄڻا علي رضا ۽ منٺار زخمي ٿي پيا، پوليس جهنڊو خان، ڪريم بخش، عمران ۽ شهزاد شاهاڻي کي گرفتار ڪري ورتو، اغوا ڪيل ناري ۽ سندس پٽ بازياب نه ٿي سگهيا