تازا ترين

منهنجي حڪومت جي خاتمي ۾ آمريڪا جو هٿ آهي: حسينه واجد

شاگردن جي احتجاجي تحريڪ جي نتيجي ۾ استعيفيٰ ڏئي ڀارت ۾ پناهه وٺندڙ بنگلاديش جي اڳوڻي وزيراعظم حسينه واجد جو پهريون بيان سامهون اچي ويو آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب شيخ حسينه واجد پنهنجي 15 سالن جي اقتدار جي خاتمي جو ذميوار آمريڪا کي ڏيندي چيو آهي ته ايئربيس قائم ڪرڻ لاءِ سينٽ مارٽن ٻيٽ آمريڪا کي نه ڏيڻ منهنجو ڏوهه بنايو ويو.

اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد چيو ته جيڪڏهن مان استعيفيٰ نه ڏيان ها ته مون کي لاشن جو جلوس ڏسڻو پوي ها، انهن لاشن تي اقتدار حاصل ڪرڻ چاهيو ٿي پر مان ان جي اجازت نه ڏني.

شيخ حسينه واجد پنهنجي ملڪ جي رهواسين کي مخاطب ٿيندي چيو ته شدت پسندن جي ڳالهين ۾ نه اچو. اهو بيان اصل ۾ شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ڏيڻ کان اڳ قوم کي ڪيل تقرير تي ٻڌل هو جيڪا کيس نه ڪرڻ نه ڏني وئي ڇو ته مڇريل مظاهرين سندس گهر آڏو پهچي ويا هئا جنهن کان پوءِ ملڪ جي سيڪيورٽي آفيسرن وزيراعظم کي جلد کان جلد اتان کان نڪرڻ جو مشورو ڏنو هو.

پر هاڻ ڀارت ۾ شيخ حسينه واجد ڪجهه ماڻهن سان پنهنجي نه ٿيندڙ تقرير جي ڪجهه لفظن تي ڳالهيون ڪيون جيڪي ڀارتي چينل اين ڊي ٽي وي پنهنجي رپورٽ ۾ شايع ڪيون

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

اسرائيل تي حملو جلد ٿيڻ وارو آهي: حسن نصر الله

حزب الله جي سربراهه حسن نصر الله چيو آهي ته اسرائيل تي حملو جلد ٿيڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے