صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف اقليتن جي قومي ڏينهن تي پيغام جاري ڪندي چيو آهي ته هر پاڪستاني کي پنهنجي عقيدي موجب زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي.
صدر آصف علي زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جو مذهب اسلام اقليتن جي حقن جي تحفظ کي مڪمل طور مڃي ٿو. پاڪستان جي سماجي، اقتصادي ترقي ۾ اقليتن جي ڪردار جي اعتراف ۾ اهو ڏينهن ملهائيندا آهيون.
آصف علي زرداري چيو ته اقليتن جي حقن، مذهبي آزادي جي تحفظ لاءِ قائداعظم جي 11 آگسٽ 1947ع جي واعدي تي قائم رهنداسين. اقليتن کي پاڪستان جي آئين ۾ ضمانت ڪيل سمورا سياسي، معاشي ۽ سماجي حق حاصل آهن. هن چيو ته اسان سرڪاري نوڪرين ۾ اقليتن جي لاءِ 5 سيڪڙو ڪوٽا مقرر ڪيو آهي، پارليامينٽ جي ٻنهي ايوانن ۾ انهن جي لاءِ سيٽون مقرر آهن، اقليتي شاگردن کي وظيفا، عبادتگاهن جي مرمت ۽ سار سنڀال جي فنڊنگ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
صدر آصف علي زرداري وڌيڪ چيو ته هر پاڪستاني کي مذهب، ذات، رنگ يا نسل جي فرق کان سواءِ زندگي گذارڻ جو حق حاصل آهي پاڪستان اقليتن جي حقن جو تحفظ ۽ انهن کي اڳيان وڌڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڏيندو.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اڄ اقليتن جي قومي ڏينهن جي موقعي تي مان پاڪستان ۾ رهندڙ سمورن اقليتن جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪريان ٿو. ملڪي ترقي ۽ خوشحالي ۾ انهن جي شاندار ڪردار تي کين خراج تحسين پيش ڪريان ٿو.
شهباز شريف چيو ته سرڪاري سطح تي اقليتن جو قومي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن سان يڪجهتي جو اظهار ۽ انهن جي رياست پاڪستان جي خدمتن جو اعتراف آهي، اسان جي اقليتي برادري تحريڪ پاڪستان ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته قائداعظم محمد علي جناح اقليتن جي حقن جي حوالي سان 11 آگسٽ 1947ع تي پاڪستان جي آئين ساز اسيمبلي ۾ هڪ تاريخي تقرير ۾ اقليتن جي لاءِ مڪمل مذهبي آزادي جو اعلان ڪيو هو.
هن وڌيڪ چيو ته اسان اقليتن جي حدن جي تحفظ ۽ انهن جي ترقي، خوشحالي جي لاءِ پرعزم آهيون ۽ اڄوڪي ڏينهن هڪ دفعو ٻيهر اسان انهي عزم جو ارادو ڪريون ٿا. پاڪستان جي حڪومت مذهبي، اقليتي برادري جي فلاح، بهبود جي حوالي سان عملي طور قدم کڻي رهي آهي