تازا ترين

پاڪستاني پوليس آفيسرن کي تربيت لاءِ ترڪيه اماڻڻ جو فيصلو

پاڪستان ايڪسچينج پروگرام جي تحت پوليس آفيسرن کي تربيت جي لاءِ ترڪيه اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

ترڪيه جي سفير ڊاڪٽر مهمت پاچاجي گهرو وزارت پهتو جتي سندس وفاقي گهرو وزير محسن نقوي سان ملاقات ٿي ملاقات ۾ پاڪستان ترڪيه لاڳاپن ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون. ملاقات ۾ سيڪيورٽي پوليس ۽ سول آرمڊ فورسز جي شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو ويو جڏهن ته ايڪسچينج پروگرام جي تحت پاڪستاني پوليس آفيسرن کي تربيت جي لاءِ ترڪيه اماڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

گهرو وزير محسن نقوي چيو ته 14 آگسٽ کان ترڪيه جي شهرين کي بنا ڪنهن فيس جي آن لائن ويزا جي سهوليت ملي سگهندي. اهڙي قدمن سان ترڪيه جي ڀيڻ ڀائرن کي پاڪستان اچڻ ۾ تمام گهڻي آساني ٿيندي. محسن نقوي چيو ته ترڪيه جي حڪومت جي دعوت تي آڪٽوبر ۾ ترڪيه جو دورو ڪندس، دوري ۾ گڏيل تعاون وڌائڻ جي لاءِ نتيجا ڏيندڙ تجويزون پيش ڪنداسين.

هن چيو ته پاڪستان ترڪي کي پنهنجو ٻيو گهر سمجهي ٿو، ترڪيه سان پراڻا مذهبي، ثقافتي ۽ واپاري رابطا آهن جن کي وڌيڪ مستحڪم  ڪرڻ چاهيون ٿا. ملاقات ۾ ترڪيه ۾ قيد پاڪستانين کي آزاد ڪرڻ جي حوالي سان به ڳالهيون ڪيون ويون.

ملاقات دوران ترڪيه جي سفير چيو ته پاڪستان سان ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏيندا آهيون پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ تعاون جاري رکنداسين. وفاقي گهرو سيڪريٽري خرم علي آغا ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري رفعت مختار راجا به ان موقعي تي موجود هئا.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے