پيرس اولمپڪس ۾ تاريخ لکندڙ اولمپڪ گولڊ ميڊلٽ قومي هيرو ارشد نديم جو پيرس کان ملڪ واپسي تي علامه اقبال انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي شاندار استقبال ڪيو ويو.
قومي هيرو ارشد نديم کي ايئر ٽريفڪ ڪنٽرول طرفان پاڪستان جي حدن ۾ جهاز داخل ٿيڻ تي ڀليڪار چيو ويو. جهاز جي خصوصي واٽر ڪينن طرفان سلوٽ پيش ڪيو ويو لاهور ايئرپورٽ تي شهرين جي وڏي تعداد قومي هيرو جو استقبال ڪرڻ لاءِ موجود هئا.
جهاز مان ٻاهر اچڻ کان پوءِ کيس ايئرپورٽ سيڪيورٽي اختيارين طرفان گلدستا پيش ڪيا ويا ۽ گلن جا هار پارايا ويا. ارشد جي پنهنجي والد سان ملاقات تي جذباتي منظر ڏسڻ لاءِ مليا. والد کيس گلي سان لڳائي پنهنجي ڳوڙهن کي نه روڪي سگهيو.
ارشد نديم جي استقبال لاءِ (ن) ليگي اڳواڻ احسن اقبال، خواجه سعد رفيق، صوبائي وزير فيصل ايوب، رانا مشهود ۽ عظميٰ بخاري به موجود هئا. احسن اقبال ۽ خواجه سعد رفيق ارشد نديم کي گلي لڳائي مبارڪباد ڏني. عظميٰ بخاري کيس گلن جو گلدستو پيش ڪيو.
ارشد نديم جا گهر ڀاتي، دوست، ڳوٺ وارا لاهور ايئرپورٽ تي موجود هئا ان کان علاوه شهرين جو وڏو انگ به ايئرپورٽ تي موجود هو. پنجاب پوليس بينڊ جي ذريعي ارشد نديم جو پرجوش استقبال ڪيو ويو، پوليس طرفان اولمپيئن ارشد نديم کي تاريخ ساز وي وي آءِ پي پروٽوڪول ڏنو ويو. لاهور ايئرپورٽ جو وي آءِ پي لائونج شهرين کان خالي ڪرائي سيڪيورٽي لڳائي وئي هئي.
پوليس طرفان ڏيڍ سئو کان وڌيڪ پوليس اهلڪار ۽ آفيسرن ارشد نديم کي سيڪيورٽي فراهم ڪئي، ارشد نديم کي ڊبل ڊيڪر بس ۾ لاهور جي سير ڪرائي وئي. ان جي قافلي جي اڳيان ٽريفڪ پوليس پائلٽ موجود هئا. ارشد نديم جي بس جي اڳيان پٺيان ايليٽ وجن گاڏيون موجود هيون.
پوليس اختيارين موجب ارشد نديم جي پروٽوڪول جي لاءِ ٽريفڪ پائلٽ ۽ ڊي ايس پي رينڪ جو آفيسر اختتامي حدن تائين مقرر ڪيا هئا، جڏهن ته لاڳاپيل ڊويزن لاءِ ايس پيز پنهنجي علائقي ۾ لاڳاپيل ايس ڊي پي اوز ۽ ايس ايڇ اوز سان گڏ ريسڪيو ڪرڻ جا حڪم به ڏنا ويا آهن.
ارشد نديم ڊبل ڊيڪر بس ۾ لاهور جي سير کان پوءِ پنهنجي ڳوٺ ميان چنون روانو ٿي ويو آهي. ارشد نديم جي استقبال لاءِ ان جي ڳوٺ ميان چنون چڪ 101 ۾ اسپيڪر تي اعلان ڪرايو ويو هو ته جنهن کي ارشد نديم کي ايئرپورٽ وٺڻ وڃڻو آهي اهو تيار ٿي وڃي. ارشد نديم جي ڳوٺ جي ماڻهن لاءِ لاهور ايئرپورٽ وڃڻ جي لاءِ سرڪاري بسن جو انتظام ڪيو ويو.