تازا ترين

ڊريپ کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو

ڊرگ ريگوليٽري اٿارٽي آف پاڪستان(ڊريپ) کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

صحت واري وزارت جي اختيارين موجب دوائون جون قيمتون مقرر ڪرڻ جي لاءِ نئون ادارو ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي،  حياتيون بچائيندڙ دوائن جون قيمتون هاڻ نئون بورڊ مقرر ڪندو.

اختيارين جو چوڻ آهي ته ڊريپ کان دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار وزيراعظم جي هدايت تي ورتو پيو وڃي، قانون واري وزير جي سربراهي ۾ ڪميٽي پروپوزل تيار ڪري رهي آهي.

صحت واري وزارت جي اختيارين ٻڌايو آهي ته هن وقت ڊريپ صرف حياتي بچائيندڙ دوائن جون قيمتون مقرر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے