خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي مسجد نبوي صه جي امام ڊاڪٽر صلاح محمد البدير سان اسلام آباد جي مقامي هوٽل ۾ ملاقات ڪئي.
گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته پاڪستان جي عوام سعودي عرب سان محبت ۽ احترام جي رشتي سان جڙيل آهي. خيبرپختونخواهه مذهبي حوالي سان انتهائي زرخيز آهي اسان اوهان جي دوري جي اوسيئڙي ۾ رهنداسين.
ان موقعي تي مسجد نبوي صه جي خطيب ڊاڪٽر صلاح محمد البدير چيو ته اوهان جا جذبا عوام ۽ ملڪ جي لاءِ انتهائي تعريف جوڳا آهن مان ايندڙ پاڪستان جي دوري دوران پشاور ضرور ايندس. گورنر جي درخواست تي مسجد نبوي صه جي خطيب خيبرپختونخواهه جي ترقي ۽ امن جي لاءِ خصوصي دعا ڪئي.