اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته 20 سيپٽمبر تائين ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت اچي سگهي ٿي ۽ انهي جي لاءِ انٽرويوز به شروع ٿي چڪا آهن.
اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڄ 2 سال ٿي ويا، منهنجي مٿان 14 ڪيسز آهن پر اڃان تائين چالان نه مليا آهن، پوليس 10 لک روپيه وٺي 9 مئي جي ڪيسن ۾ نالا وڌا جيڪي 4 ڏينهن به جيلن ۾ نه رهيا انهن 164 جا بيان ڏنا.
هن چيو ته منهنجو 40 ڪلو وزن گهٽ ٿيو، ڪڏهن سوچيو به نه هو ته گيٽ نمبر 4 وارا مون کي کڻي ويندا، پوليس اسان جي عورتن جا زيور، منهنجون گهڙيون ۽ جوتا به کڻي وئي، منهنجي گذارش انهن ماڻهن کي آهي جنهن سان منهنجو جنم، جنم جو رشتو هو، منهنجي آرمي چيف جنرل عاصم منير کي اپيل آهي ته عام معافي جو اعلان ڪيو وڃي.
شيخ رشيد چيو ته اسان جي ڪيسز ۾ عمران خان ۽ بشريٰ بي بي به اچي ويا آهن پر اسان انهن جي خلاف ڪوبه بيان نه ڏنو. اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي ڌار ڪيو وڃي منهنجو صرف هڪ ماڻهو سان واسطو آهي، ٻيو پوري پارٽي مان ڪنهن سان به واسطو نه آهي.
اڳوڻي وزير وڌيڪ چيو ته 31 آگسٽ جو ڏينهن تمام گهڻو اهم آهي، حڪومت پنهنجو سامان ٻڌي رهي آهي، مان 31 آگسٽ کان مڪمل فعال ٿي رهيو آهيان، 20 سيپٽمبر تائين ٽيڪنو ڪريٽ جي حڪومت اچي سگهي ٿي ۽ ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت جي لاءِ انٽرويوز به شروع ٿي چڪا آهن جيڪو ڪجهه شروع ٿي رهيو آهي اهو تمام گهڻو خراب آهي.
هن چيو ته جيترا ماڻهو کٽيا آهن اهي سڀ پلاننگ جي تحت کٽيا آهن، منهنجا ووٽ ڪڍيا به ويا آهن، پر ان باوجود مون کي شڪست ملي آهي جنهن کي مان مڃان ٿو، شهباز شريف وٽ ڪجهه به نه آهي ۽ نه ئي وري انهي جي ڪو ٻڌندو آهي، شهباز شريف ليٽي چڪو آهي پر نوازشريف ڪنهن کي به ايڪسٽينشن نه ڏيندو.