تازا ترين

بلوچستان ۾ شمسي توانائي منصوبا موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهن: اياز صادق

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته بلوچستان ۾ شمسي توانائي منصوبا موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهن.

وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد ڪيل ريجنل پارليامينٽريز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي سميت سمورن ملڪي ۽ پرڏيهي معززن کي تقريب ۾ ڀليڪار چوان ٿو، هن چيو ته عورتن کي مڪمل طور تي بااختيار بنائڻ کان سواءِ گرين اڪانومي پائيدار ترقي جو خواب پورو نٿو ٿي سگهي.

اياز صادق چيو ته عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ پائيدار ترقي کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ گڏيل ڪوششن جي اهميت کي رد نٿو ڪري سگهجي، عورتن کي بااختيار بنائڻ ۽ پائيدار ترقي جي حدف کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ پارليامينٽ ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. پارليامينٽ ۾ جينڊر مين اسٽريمنگ ڪميٽي جو قيام ملڪ ۾ عورتن کي بااختيار بنائڻ ۾ اهم قدم ثابت ٿيندو. عورتن جي خلاف نازيبا لفظن جو استعمال قبول ڪرڻ جوڳو نه آهي.

هن چيو ته موسمياتي  تبديلي هڪ عالمي مسئلو آهي، پاڪستان موسمياتي تبديلي سبب سڀني کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن ۾ شامل آهي، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر سطح تي قدم کڻي رهيا آهيون. پاڪستان جي پارليامينٽ کي دنيا جو پهريون گرين پارليامينٽ هجڻ جو اعزاز حاصل آهي.

قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته وفاقي حڪومت طرفان بلوچستان ۾ اربين روپين جي شمسي توانائي منصوبي جي شروعات موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهي. موسمياتي تبديلي بابت وزيراعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم کي انهي معاملي تي ريجنل ڪانفرنس منعقد ڪرائڻ تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اميد آهي ته اها ڪانفرنس اسان جي پائيدار ترقي جي ڪوششن کي حاصل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے