تازا ترين

خيبرپختونخواهه جي حڪومت صحت ڪارڊ لاءِ وڌيڪ 3 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا

صحت ڪارڊ مان علاج ڪرائيندڙن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير صحت ڪارڊ جي لاءِ وڌيڪ 3 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا. ناڻي بابت صوبائي صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته خيرپختونخواهه جي حڪومت طرفان صحت ڪارڊ لاءِ هينئر تائين 10 ارب 50 ڪروڙ روپيه جاري ڪيا ويا آهن.

مزمل اسلم چيو ته 5 مهينن ۾ صحت ڪارڊ جي ذريعي 3 لک 63 هزار ماڻهن جو علاج ممڪن ٿيو، صوبائي حڪومت صحت ڪارڊ جي خرچن کي 2 ارب روپين تائين پهچائي ڇڏيو.

ناڻي واري صلاحڪار وڌيڪ چيو ته صحت ڪارڊ مان 2 لک 60 هزار ماڻهن جو سرڪاري اسپتالن مان  علاج ڪرايو ويو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے