دادو جي ڪچي واري علائقي موندر ٿاڻي جي حد ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ چوپايو مال گوليون لڳڻ سبب مري ويو، 16 ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو جاري.
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ٿي ويلن ۾ مظهر شاهاڻي، صابر شاهاڻي، شوڪت شاهاڻي ۽ هڪ عورت شامل آهن. ان حوالي سان ٻڌايو پيو وڃي ته اي سيڪشن حد ٿاڻي تي رٽائرڊ پوليس جمعدار مظهر شاهاڻي جي قتل کان پوءِ علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو جڏهن ته اسماعيل جا ڀاڻ ٿاڻي جي پوليس گذريل ڏينهن کان ٿاڻو ڇڏي فرار ٿي وئي آهي، دادو ۾ موندر ٿاڻي جي پهتل پوليس به ڪلاڪن جا ڪلاڪ موندر ٿاڻي تي ويهي واپس رواني ٿي وئي، علائقي ۾ جديد هٿيارن سان فائرنگ جو سلسلو جاري پوليس ڪابه ڪارروائي نه ڪري سگهي.
ذريعن موجب شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ هلندڙ تڪرار تان هڪ سال اڳ قتل ٿيل عالم شاهاڻي کي مخالف ڌر ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيو هو، جنهن جو ڪيس عدالت ۾ هلندڙ آهي.