ماضي جي مشهور اداڪاره ريشم چيو آهي ته مون کي عمران خان بطور سياستدان نه پر هڪ انسان جي طور تي پسند آهي ڇو ته هن جيڪو ڪجهه ڏکايل انسانيت جي لاءِ ڪيو اهو ڪنهن ٻئي اڃان تائين نه ڪيو آهي.
تازو ئي هڪ نجي ٽي وي شو ۾ ريشم شرڪت ڪئي جنهن ۾ ميزبان طرفان کانئس سوال ڪيو ويو ته ٻڌو آهي ته شهباز شريف اوهان کي ڪافي پسند آهي.
اداڪاره جواب ڏيڻ جي بجاءِ چيو ته مون کي عمران خان تمام گهڻو پسند آهي مون کي اهو انهي جي لاءِ پسند آهي ڇو ته هو سياستدان کان وڌيڪ هڪ سٺو دل رکندڙ انسان آهي، هو سٺا جذبا رکي ٿو ان جو نظريو پاڪستان جي لاءِ بهترين آهي.
ريشم چيو ته هونئن به سياست ۾ اوهان جا نظريات تبديل ٿيندا رهيا آهن. جڏهن شوڪت خانم اسپتال جو افتتاح ٿيو ته مان اتي وئي هئس، انهي وقت مان ننڍي هئس مان ڪرڪيٽ به تمام گهڻي شوق سان ڏسندي آهيان. اداڪاره چيو ته مون کي عمران خان شوڪت خانم اسپتال جي ڪري تمام گهڻو پسند آهي، ڏکايل انسانيت جي لاءِ جيڪو انهي ڪيو اهو اڄ تائين ڪنهن به حڪمران نه ڪيو آهي اها ڳالهه مان ڪيترائي ڀيرا چئي چڪي آهيان.
اداڪاره ميزبان کان سوال ڪيو ته اوهان ئي مون کي ٻڌايو ته انسان هجڻ سٺي ڳالهه آهي يا سياستدان وڏو ٿيڻ سٺي ڳالهه آهي؟ هن چيو ته مون کي ماڻهو گاريون ڏيندا آهن مون ڪڏهن عمران خان جي مشهوري کان انڪار ڪيو؟ جيتري محبت انهي جي لاءِ آهي اها ته ڪنهن ٻاهرين ملڪ جي صدر جي به نه هوندي.