سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ(ن) جي 3 قومي اسيمبلي ميمبرن جي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون منظور ڪندي کين بحال ڪري ڇڏيو.
چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 154، اين اي 81 ۽ اين اي 79 جي مختلف پولنگ اسٽيشنن ۾ ٻيهر ڳڻپ جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي.
سپريم ڪورٽ ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪندي(ن) ليگي اڳواڻن جون اپيلون منظور ڪري ورتيون ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو ان حوالي سان فيصلو ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سپريم ڪورٽ 2-1 جي اڪثريت سان اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو، جسٽس عقيل عباسي اختلافي فيصلو ڏنو. عدالت ووٽن جي ٻيهر ڳڻپ بابت اليڪشن ڪميشن جو فيصلو بحال ڪري ڇڏيو ۽(ن) ليگي قومي اسيمبلي ميمبرن اظهر قيوم نابرا، عبدالرحمان ڪانجو ۽ ذوالفقار احمد کي بحال ڪري ڇڏيو.