صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جي ترقي، تعمير جي لاءِ نوجوانن کي موقعا ۽ وسيلا ڏيڻ اسان جو فرض آهي.
نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته مان پاڪستان جي متحرڪ نوجوانن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. نوجوان اسان جي مستقبل جي ضمانت آهن.پاڪستاني نوجوان اسان جو سڀني کان وڌيڪ قيمتي اثاثو آهن ڇو ته اهي مستقبل جا خواب ڏسندڙ ۽ اڳواڻ آهن.
هن چيو ته اسان جو فرض آهي ته نوجوانن جون صلاحيتون نکارڻ، خوشحال، پرامن ۽ ترقي پسند پاڪستان جي تعمير لاءِ موقعا ۽ وسيلا فراهم ڪريون، مون کي پنهنجي نوجوانن جي ڪاميابين تي تمام گهڻو فخر آهي، نوجوانن جي توانائي، تخليفي صلاحيت ۽ استقلال اسان جي قوم جي ڪاميابي آهي.
صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي نوجوانن تي سرمائيڪاري ڪرڻ جي ضرورت آهي. اسان کي نوجوانن کي تربيت ڏيڻ، ڊيجيٽل مهارتن کان ليس ڪري انهن جي صلاحيتن مان ڀرپور طريقي سان فائدو کڻڻ جي ضرورت آهي هر پاڪستاني نوجوان پنهنجي لاءِ موجود موقعن مان فائدو کڻي وڏا خواب ڏسي ۽ پنهنجي ملڪ جي بهتري لاءِ اڻٿڪ محنت ڪري.
پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف زرداري علي چيو ته اچو ملي پنهنجي نوجوانن جي نشونما ۽ مدد ڪريون ڇو ته پاڪستان جو مستقبل انهن جي ڪاميابي سان جڙيل آهي. اڄ اسان نه صرف نوجوان نسل جي صلاحيتن جو اعتراف ڪريون ٿا پر ملڪي ترقي ۾ انهن جي ڪردار جي به تعريف ڪريون ٿا.