تازا ترين

گورنر سنڌ جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ٿيو ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي: فاروق ستار

متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته(ن) ليگ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه هوندو.

هن چيو ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو گورنر آهي، مسلم ليگ(ن) سان به اهوئي طئي ٿيو هو ته سنڌ جو گورنر ڪامران ٽيسوري ئي رهندو.

فاروق ستار چيو ته ڪامران ٽيسوري کي هٽائڻ جون افواهون هلي رهيون آهن(ن) ليگ سنڌ جي گورنر کي تبديل ڪرڻ جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ته ايم ڪيو ايم جو حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه هوندو.

ياد رهي ته نائب وزيراعظم اسحاق ڊار انهي کان اڳ پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو هو ته بشير ميمڻ کي سنڌ جو گورنر بنائڻ جي خبرن ۾ ڪابه سچائي نه آهي، پيپلز پارٽي سان مشاورت جاري آهي، ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن ۾ فيصلو ٿي ويندو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے