تازا ترين

بلوچستان ۾ احتجاج جي نالي تي بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي: سرفراز بگٽي

بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بلوچستان ۾ احتجاج جي نالي تي بدامني پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڪوئٽه ۾ صحافين سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته بلوچستان ۾ عظيم الشان طريقي سان آزادي جو ڏهاڙو ملهايو ويو. مان پوري پاڪستان کي آزادي جي مبارڪباد ڏيان ٿو. ڊپٽي وزيراعظم اسحاق ڊار به اسان سان گڏ آزادي جون خوشيون ملهايون اسان 21 مستحق ماڻهن جي سينٽرن جو افتتاح به ڪيو.

هن چيو ته سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ڊپٽي ڪمشنر جي قتل جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي سرفراز بگٽي چيو ته ڊي سي پنجگور کي بيدردي سان شهيد ڪيو ويو. اسان شهيد ڊي سي جي ٻارن جا تعليمي خرچ برداشت ڪنداسين، شهيد ڊي سي جي گهر واري کي به سرڪاري نوڪري ڏينداسين. اسان شهيدن کي اڪيلو نه ڇڏينداسين، اسان جي حڪومت اصلاحات جي ايجنڊا تي ڪم ڪري رهي آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے