حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جي رات جدا جدا واقعن ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. قتل ٿي ويل هڪ نوجوان جي وارثن لاش کڻي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. رپورٽ مطابق هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ شهيد بينظير فلاءِ اوور کان چانگ ڳوٺ ڏانهن ويندڙ رستي تي چانگ موڙ ڀرسان هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان وليد ولد محمد اسلم قريشي کي قتل ڪري ڇڏيو
پوليس کي شڪ آهي ته اها واردات ڦر دوران مزاحمت تي ٿي آهي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي هڪ عورت سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو. چيو پيو وڃي ته هيرآباد جي ايوان قريش واري علائقي ۾ رهندڙ 22 سالن جو نوجوان وليد پنهنجي دوست زبير سان گڏ چانگ موڙ وٽ پهتو جتي مبينا طور ڦر جي واقعي دوران مزاحمت تي وليد کي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو. سندس ساٿي زبير جو چوڻ آهي ته ٻن موٽرسائيڪلن تي سوار 4 هٿياربند چانگ موڙ تي آيا ۽ کانئس 50 هزار رپيا روڪ رقم ڦر ڪئي
مزاحمت تي هٿياربندن فائرنگ ڪري سندس دوست کي ماري ڇڏيو، اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو، ذريعن مطابق پوليس هڪ عورت راشده عرف حنا عرف پروين، وليد سان گڏ چانگ موڙ ويندڙ زبير ۽ سندس هڪ ٻئي دوست وقار کي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو.هوڏانهن سول اسپتال مان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جن جشنِ آزادي واري ڏينهن لاش کڻي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو
مظاهرين جو چوڻ هو ته پوليس حراست ۾ ورتل عورت ۽ نوجوانن کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ بدران کين مهمانن طور ٽڪايو آهي، جنهن سبب خون ٻڏڻ جو خدشو آهي. هنن گهر ڪئي ته واقعي جي جاچ ڪرائي حقيقتون سندن سامهون آنديون وڃن. ٻئي پاس مارڪيٽ ٿاڻي جي حد ۾ لبرٽي چوڪ وٽ نامعلوم هٿياربندن گوليون هڻي نوجوان محمد عاطف راجپوت کي قتل ڪري ڇڏيو. عاطف ۽ سندس دوست شاهزيب موٽرسائيڪل تي سوار هئا. سندن موٽرسائيڪل اڳيان ويندڙ ٻئي موٽرسائيڪل سان ٽڪرائجي وئي، جنهن سبب ٻنهي موٽرسائيڪلن تي سوار نوجوانن وچ ۾ منهن ماري ٿي پئي
ان دوران ٻي موٽرسائيڪل تي سوار نوجوانن فائر ڪيا، جنهن سبب هيرآباد جو رهواسي 25 سالن جو عاطف ولد عبداللطيف راجپوت ۽ شاهزيب ولد زاهد زخمي ٿي پيا. زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي عاطف زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته علائقي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ته جيئن واقعي جي ذميوار ماڻهن کي گرفتار ڪري سگهجي. ان معاملي جو به ڪيس رات دير تائين داخل نه ٿي سگهيو هو