تازا ترين

فيض حميد جي کنيل قدمن ۾ پي ٽي آءِ باني جي خواهش شامل هئي: عطاءُالله تارڙ

اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته جنرل(ر) فيض حميد جي کنيل قدمن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جي خواهش شامل هئي.

پريس ڪانفرنس ڪندي اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ باني جيل ۾ ويهي انهن  سڀني جي اڳواڻي ڪري رهيو هو. عطاءُالله تارڙ چيو ته اهي سڀ اهي ماڻهو آهن جنهن فساد پکيڙيندڙ ٽولي سان گڏ ملڪ کي نقصان پهچايو. شاهديون اچڻ جو سلسلو جاري آهي، لڳي ٿو ته اڃان به وڌيڪ گرفتاريون عمل ۾ آنديون وينديون.

اطلاعات واري وزير چيو ته جن ماڻهن ملڪ کي عدم استحڪام طرف کڻي وڃڻ جي ڪوشش ڪئي اهي سڀ قانون جي شڪنجي ۾ ايندا.

عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جي اجازت ڪنهن کي نٿي ڏئي سگهجي، شاهدين سان خبر پئجي ٿي ته پي ٽي آءِ  باني جيل م ويهي به پيغام پهچائڻ جو ڪم ڪري رهيو هو.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے