ٺارو شاهه ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل مولوي مشتاق سيال ۽ پرڻيل ناري نصرت ڪلهوڙو جا لاش 10 ڪلاڪن بعد پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيا
ڀاڳو ديرو ۽ ڪمال ديرو ٿاڻن جي پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب 10 ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اڄ صبح ڀاڳو ديرو پوليس ڳوٺ دين خليفو پهچي مقتولن جا لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد وارثن حوالي ڪيا
رات دير سان هٿياربندن فائرنگ ڪري مسجد جي پيش امام 25 سالن جي حافظ مشتاق سيال ۽ پرڻيل ناري 28 سالن جي نصرت ڪلهوڙو کي قتل ڪيو
مقتول حافظ مشتاق سيال جي ڀاءُ حافظ امتياز سيال چيو ته منهنجي ڀاءُ کي ناحق قتل ڪيو ويو آهي، 14 ڪلاڪ گذرڻ باوجود واقعي جو ڪيس داخل نه ڪيو ويو، علائقي جا بااثر ماڻهو راڄوڻي نبيرو ڪرائڻ لاءِ سرگرم ٿي ويا