تازا ترين

ڪجهه ماڻهو پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، عون چوڌري ۽ عمران اسماعيل کي واپس آڻڻ چاهين ٿا: شير افضل مروت

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت جي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان هڪ دفعو ٻيهر ملاقات نه ٿي سگهي.

اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شير افضل مروت چيو ته اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملڻ لاءِ ويس پر ڪيس جي ٻڌڻي جلد ختم ٿيڻ سبب ملاقات نه ٿي سگهي، مان پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪري انڪوائري جو مطالبو ڪرڻ چاهيان ٿو، پارٽي ۾ مون سان جيڪو ڪجهه ڪيو ويو ان جي انڪوائري ضروري آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ باني کي منهنجي خلاف ڪيو ويو، منهنجي خلاف هن کي غلط ڳالهيون ٻڌايون ويون، مان مطالبو ڪريان ٿو ته انڪوائري ڪئي وڃي منهنجي خلاف جنهن به پي ٽي آءِ باني کي غلط ٻڌايو آهي اهو سامهون اچڻ گهرجي. منهنجي خلاف انتهائي قدم کڻڻ جي باوجود مان عمران خان جي سامهون مسئلو اٿاريندس.

هن وڌيڪ چيو ته پارٽي جي ڪجهه ماڻهن طرفان پرويز خٽڪ، فواد چوڌري، عون چوڌري ۽ عمران اسماعيل کي واپس آڻڻ جون ڪوششُن ڪيون پيون وڃن. پي ٽي آءِ باني جي سامهون منهنجي اسٽوري بيٽسمين کان شروع ٿيندي ۽ پارٽي ۾ جن ماڻهن کي واپس آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي انهي تي ڳالهه ختم ٿيندي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے