تازا ترين

ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ هلڪي برسات جو سلسلو جاري

ڪراچي جي مخلتف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، موسميات کاتي شهر ۾ 16 کان 19 آگسٽ تائين برسات جي اڳڪٿي ڪري ڇڏي آهي.

موسميات کاتي موجب اڄ ڪراچي حيدرآباد، ٺٽه ۽ بدين ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي، موسميات کاتي طرفان اسلام آباد سميت ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جڏهن ته ڪجهه هنڌن تي برسات جو به امڪان آهي.

ان کان اڳ چيف ميٽرولوجسٽ سردار سرفراز اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته هن هفتي ڪراچي  ۾ گرمي پد 30 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهڻ جو امڪان آهي.

سردار سرفراز چيو ته 18 آگسٽ يا ان کان پوءِ سانوڻي جي هوائن جو رخ سنڌ طرف ٿي سگهي ٿو، هوائن جي اثر هيٺ سنڌ جي مختلف هنڌن تي برسات جو پڻ امڪان آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے