ڪراچي ۾ هلندڙ سال ڪانگو وائرس جو پهريون ڪيس سامهون اچي ويو.
ذريعن موجب هلندڙ سال جو پهريون ڪانگو وائرس ڪيس جناح اسپتال ۾ رپورٽ ٿيو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته مريض کي بخار ۽ ڊائريا سبب اسپتال آندو ويو هو، مريض جي ڪانگو ٽيسٽ جو نتيجو هاڪاري آيو، سندس عمر 32 سال آهي.
متاثر مريض کي ڳڻتيءَ جوڳي حالت ۾ آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
ياد رهي ته ڪانگو وائرس جانورن مان انسان ۾ منتقل ٿيندو آهي ۽ ماهرن موجب ان ۾ بچاءَ جا امڪان رڳو 10 سيڪڙو آهن.