تازا ترين

اسلام آباد جو جلسو ملتوي ٿيڻ تي پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار روپيه ورهايا ويا

اسلام آباد جو جلسو ملتوي ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن ۾ 5-5 هزار روپيه ورهايا ويا.

پاڪستان تحريڪ انصاف ضلعي انتظاميه طرفان اجازت نه ملڻ جي باوجود اڄ ترنول ۾ هر صورت ۾ جلسو ڪرڻ جو اعلان ڪري رکيو هو جڏهن ته مقامي انتظاميه طرفان به پي ٽي آءِ جو جلسو روڪڻ جي لاءِ جڳهه جڳهه تي ڪنٽينر لڳائي رستا بلاڪ ڪيا ويا هئا.

جنهن کان پوءِ تي خميس تي پاڪستان تحريڪ انصاف ترنول ۾ شيڊول جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جلسو ملتوي ٿيڻ تي پاڪستان تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن  ۾ 5-5 هزار روپيه ورهايا ويا.

وڏي وزير علي امين گنڊاپور صوابي پهچي ڪارڪنن ۽ گاڏين جي ڊرائيورن ۾ 5-5 هزار روپيه ورهايا، ان موقعي تي شبلي فراز ۽ عمر ايوب به موجود هئا.

ڪي پي ڪي جي اطلاعات بابت صلاحڪار بيرسٽر سيف چيو آهي ته ڪارڪنن ۾ پئسن جي ورهاست جو  ڪوبه وڏو سبب نه آهي ڪي پي ڪي جو وڏو وزير غريبن جو همدرد آهي انهي پنهنجي کيسي مان پئسا ورهايا آهن.

ذريعن موجب خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير هر حال ۾ جلسو ڪرڻ چاهيو ٿي، علي امين ۽ اسد قيصر ۾ طئي ٿيو هو ته اسلام آباد جو جلسو هر حال ٿيڻو آهي.

ٻئي طرف هاڻ اسلام آباد جي انتظاميه پي ٽي آءِ کي 8 سيپٽمبر تي جلسو ڪرڻ جي اجازت ڏني آهي ڊسٽرڪٽ مئجسٽريٽ اسلام آباد ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪري ڇڏيو آهي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے