تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان ترنول ۾ پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ٿيڻ تي پارٽي جي قيادت مٿان سخت تنقيد ڪئي آهي.
پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو ته اعظم سواتي ڪنهن جي چوڻ تي صبح جو اڳوڻي پي ٽي آءِ چيئرمين سان ملڻ لاءِ ويو؟ ڪنهن جي چوڻ تي عمران خان کي جلسو ملتوي ڪرڻ جو پيغام پهچايو ويو.
عليمه خان وڌيڪ چيو ته صبح ساڍي 7 وڳي اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪيئن ٿي سگهي ٿي؟ هن وڌيڪ چيو ته ڪارڪنن کي منهن ڏيڻ جي همت نه هئي ته پي ٽي آءِ باني کان فيصلو ڪرائي ڇڏيو.
هن وڌيڪ چيو ته پارٽي چيئرمين ٻاهر ويٺل آهي، انهي فيصلو ڇو نه ڪيو؟ موجوده پارٽي اڳواڻن جو تحريڪ انصاف جي باني کي ٻاهر ڪڍڻ جو ارادو ئي نه آهي.
عليمه خان الزام لڳائيندي چيو ته اسٽيبلشمينٽ جي چوڻ تي هنن ماڻهن پي ٽي آءِ جو جلسو ملتوي ڪرايو آهي، هي فيصلا پاڻ ڪندا آهن ۽ نالو عمران خان جو لڳائي ڇڏيندا آهن.