بلاول ڀٽو زرداري جي پيپلز پارٽي پنجاب جي عهديدارن سان ملاقات جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي آهي.
ذريعن موجب پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سان ملاقات ۾ پ پ پنجاب جي عهديدارن مريم نواز حڪومت جي خلاف شڪايتن جا ڍير لڳائي ڇڏيا، ميمبرن شڪايتون ڪيون ته پنجاب حڪومت نه اسيمبلي ميمبرن کي اهميت ڏئي ٿي ۽ نه ئي وري بيورو ڪريسي سان تعاون ڪري رهي آهي، لڳي ٿو ته پنجاب جي انتظاميه کي پ پ جي باري ۾ خصوصي هدايتون مليون آهن پ پ پنجاب جي اسيمبلي جي ميمبرن کي ترقياتي ڪم به نه پيا ڏنا وڃن.
پ پ جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن وڌيڪ چيو ته پنجاب حڪومت لکت ۾ ڪيل معاهدن تي اڳڀرائي نه ڪري رهي آهي. بلاول ڀٽو پ پ پنجاب جا خدشا وزيراعظم شهباز شريف جي سامهون رکي. ملاقات دوران بلاول ڀٽو پ پ پنجاب جي ميمبرن جا خدشا نوٽ ڪندو رهيو. بلاول ڀٽو پنجاب حڪومت جي رويي تي حيرانگي ۽ پريشاني جو اظهار ڪيو ۽ پ پ پنجاب جا خدشا وزيراعظم تائين پهچائڻ جو يقين ڏياريو.
ٻئي طرف بلاول ڀٽو جي وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات اڄ شام جو ٿيندي. وزيراعظم شهباز شريف بلاول ڀٽو جي مان ۾ مانجهاندو ڏيندو. بلاول ڀٽو ملاقات ۾ لکت واري معاهدي تي عمل ڪرائڻ ۾ دير جو معاملو وزيراعظم جي سامهون اٿاريندو. بلاول ڀٽو پنجاب جي پارٽي اڳواڻن جي خدشن کان به وزيراعظم کي آگاهه ڪندو.