پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته جلسو ملتوي ڪرڻ کي منهنجي ڪمزوري نه سمجهو.
پي ٽي آءِ اڳواڻ بابر اعظم سواتي ۽ بيرسٽر گوهر صحافين سان ڳالهيون ڪندي چيو ته عمران خان ملاقات جي لاءِ گهرايو هو، پي ٽي آءِ بان چيو ته رپورٽ ملي آهي ته مذهبي پارٽين جا ڪارڪن ختم نبوت جي بچاءُ لاءِ اسلام آباد جي ريڊ زون ۾ گڏ ٿي رهيا آهن. اسان جي پارٽي کي ختم نبوت جو انتهائي احترام آهي.
پي ٽي آءِ اڳواڻن چيو ته عمران خان جي حڪم موجب ترنول جو جلسو ملتوي ڪيو آهي پر پي ٽي آءِ باني چيو آهي ته آزادي سان محبت رکندڙ منهنجي انهي حڪم کي ڪمزوري نه سمجهن، اسان جي پارٽي پرامن سياسي ۽ قانوني جدوجهد تي يقين رکي ٿي، انتشار کان بچڻ جي لاءِ جلسو ملتوي ڪيو آهي.
9 مئي جي واقعن ۾ اسان ڪنهن به طرح ملوث آهيون ته سي سي ٽي وي سامهون آندي وڃي، سموري جدوجهد انصاف ۽ قانون جي علمبرداري جي لاءِ آهي. لاهور ۾ 27 آگسٽ تي ۽ اسلام آباد ۾ 8 سيپٽمبر تي جلسو ضرور ٿيڻ گهرجي.
عمران خان چيو ته اسان پي ڊي ايم جي حڪومت کي نه پر ملڪ جا فيصلا ڪندڙن کي چئون ٿا ته جيڪڏهن ملڪ کي تباهي کان بچائڻو آهي ته عوام جي مينڊيٽ جو احترام ڪريو، قاضي فائز عيسيٰ، عامر فاروق جهڙي طرح فيصلن سان ملڪ جي قانون ۽ آئين جي تباهي ڪري رهيا آهن انهي تي نظر رکو. انهي بيان کي فيصلو ڪندڙن اهو ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته ملڪ کي صرف ۽ آئين جي پاسداري لاءِ اڳيان وٺي وڃي سگهجي ٿو. باني چيئرمين چيو ته ڪي پي ڪي حڪومت جي خلاف جيڪي پنهنجا ماڻهو سازش ڪري رهيا آهن اهو برداشت نٿو ڪري سگهان.
پي ٽي آءِ اڳواڻن صحافين سان ڳالهين ۾ وڌيڪ چيو ته انشاءَالله سڀاڻي سپريم ڪورٽ وينداسين ۽ عامر فاروق، قاضي فائز عيسيٰ جي فيصلن سان جيترو پاڪستان کي نقصان ٿيو آهي انهي تي ڳالهيون ڪنداسين، اليڪشن ڪميشن ۽ چيف اليڪشن ڪمشنر جي خلاف جيڪو ريفرنس فائل ڪيو آهي. انهي بابت به ميڊيا جي سامهون ڳالهائينداسين، پي ٽي آءِ باني ڪڏهن به ملڪ ۾ انتشار نٿو چاهي، انتشار کي ختم ڪرڻ جي لاءِ مشڪل فيصلا ڪيا ۽ جلسو ملتوي ڪيو.