صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان کي اصل ۾ سنڌي لفظ جي اهميت ۽ تقدس جي خبر نه آهي، حافظ نعيم الرحمان کي سنڌي سکڻ گهرجي.
صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي بيان تي رد عمل ۾ چيو ته گهر، خاندان، ڳوٺ جي سربراهه کي اسان وڏيرو چوندا آهيون.
ناصر حسين شاهه وڌيڪ چيو ته اسان جي قيادت هميشه ملڪ جي پوئتي پيل ماڻهن کي ترجيح ڏني آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي جو نظريو عوام جي حقن ۽ ملڪ جي سلامتي آهي، اسان جي سياست جو مقصد پنهنجن ماڻهن ۽ رياست جي خدمت ڪرڻ آهي.
صوبائي وزير چيو ته اسان ڪڏهن به نفرت جي سياست نه ڪئي آهي، اسان جي قيادت ۽ جيالن جمهوريت جي خاطر قربانيون ڏنيون آهن، اسان مذهبي، فرقيواريت ۽ لساني سياست تي يقين نٿا رکون، اسان هميشه هر سٺي ڪردار ۽ عمل جي حمايت ڪئي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته انگريزن کان پاڪستان جي آزادي لاءِ ڪنهن حمايت ڪئي هئي ۽ ڪير مخالف هو؟ جماعت اسلامي ۽ ان جي قيادت کي پاڪستان ۾ جمهوريت، عوام جي ترقي ۽ خوشحالي پسند نه آهي.