تازا ترين

سنڌ جو وڏو وزير شاهه عبداللطيف ڀٽائي عرس جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت لا ڀٽ شاهه پهچي ويو، مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڀٽ شاهه پهچي ويو.جتي هن مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري.

ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه ان سان گڏ هو. درگاهه تي چادر ۽  دعا کان پوءِ سنڌ جي وڏي وزير ايچ ٽي سورلي هال ۾ لطيف ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪندو. ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه پڻ ان سان گڏ هو.

ان موقعي تي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي سنڌ صوفين ۽ ولين جي ڌرتي آهي جتان هميشه محبت جو پيغام مليو آهي، اڄ هتي دعا گهري آهي ته اسان جي سنڌ ۽ ملڪ سميت پوري دنيا شاد آباد رهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن حضرت شاهه عبداللطيف رح جي 281 هين عرس مبارڪ جي پڄاڻي تي مزار تي حاضري ڏيئي چادر چاڙهڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جو پيغام آفاقي ۽ عالمي ڀائيچاري وارو آهي. وفاقي حڪومت ۽ وزيراعظم پاران بلاول ڀٽو زرداري ۽ وڏي وزير کي دعوت ڏيڻ واري سوال تي سيد مراد علي شاهه چيو ته آئون ته نه وڃي رهيو آهيان پر چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وڃي رهيو آهي، هو ان پارٽي جو چيئرمين آهي جيڪا چئني صوبائي اسيمبلين ۽ پارليامينٽ ۾ موجود آهي، هو سنڌ صوبي جي نه پر پوري پاڪستان جي عوام جي لاءِ وزيراعظم سان ڳالهائيندو ۽ جيڪي اسان جا مسئلا آهن انهن کي اٿاريندو. سنڌ ۾ امن و امان بابت سوال تي وڏي وزير چيو ته هن وقت امن و امان جي صورتحال بهتر آهي ۽ سنڌ صوبو پاڪستان جي ڪنهن به ٻئي هنڌ کان گهٽ محفوظ نه آهي، ٻين صوبن ۾ دهشتگردي جا مسئلا آهن، ڪراچي ۾ به اسٽريٽ ڪرائيم گهٽ ٿيو آهي ۽ سنڌ ۾ اغوا جون وارداتون پڻ گهٽيون آهن، ڪيترائي ڌاڙيل مارجي ويا آهن يا گرفتار ٿيا آهن. سنڌ حڪومت جي ايڪشن سبب ڌاڙيل پنهنجي ٻرن مان نڪري ڪنهن پوليس چوڪي تي بزدلاڻو حملو ڪن ٿا ته ڪڏهن وري ٻي واردات ڪن ٿا.

وڏي وزير چيو ته ڌاڙيلن جي ناسور کي ختم ڪيو ويندو، اسان جي حڪومت پوليس، رينجرز ۽ فوج جي به مدد وٺندي رهندي آهي، انهن ڌاڙيلن کي جهنم رسيد ڪنداسين. هن چيو ته جيستائين ڀٽائي ۽ قلندر جون دعائون آهن سنڌ کي ڪو نقصان نٿو پهچائي سگهي. وزيراعلي پنجاب  ۽ وزير اعليٰ سنڌ آمهون سامهون هئڻ بابت سوال تي هن چيو ته ڪير به آمهون سامهون نه آهي عوام جا مسئلا آهن، بجلي جي حوالي سان اڄ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم سان ڳالهائيندو، اسان سڀ گڏجي پاڪستان جي خوشحالي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪري رهيا آهيون. هڪ سوال تي هن چيو ته موٽرويز وفاق تعمير ڪندو آهي، انتهائي احترام سان وفاقي حڪومت کي پهريون ڀيرو نه پر ڪيترائي ڀيرا آئون شڪايت ڪري چڪو آهيان ته سنڌ ۾ انهن ڪو موٽروي تعمير نه آهي ڪيو، ملتان کان سکر تائين 150 ڪلوميٽر سنڌ اندر موٽروي روڊ آهي، ان کان سواءِ سکر کان ڪراچي تائين موٽروي نه ٺهيو آهي، اها  ڳالهه نه صرف موجوده وزيراعظم پر ان کان اڳوڻي وزيراعظم کي به چئي چڪو آهيان.

هن چيو ته پنجاب کان ڪجهه صحافي آيا هئا انهن سنڌ جا روڊ ڏسي چيو ته اهڙا بهتر روڊ صوبائي حڪومت پاران ڪنهن ٻئي صوبي ۾ تعمير نه ڪيا ويا آهن، اسين وفاق کان مطالبو ڪيون ٿا ته هو سنڌ ۾ موٽروي جو ڄاروڇائين. ان کان اڳ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه سان گڏ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار تي حاضري ڏيئي چادر چاڙهي ۽ دعا گهري، شاهه جو راڳ ٻڌو، مستحق عورتن ۾ ڪپڙا ۽ تحفا تقسيم ڪيا ۽ مهمانن جي ڪتابن ۾ پنهنجا تاثر درج ڪيا.

وڏي وزير پاران لطيف ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت:

وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايڇ ٽي سورلي هال ڀٽ شاهه ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي عرس مبارڪ جي پڄاڻي تي لطيف ايوارڊ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ بهترين ڪارڪردگي تي مختلف شخصيتن کي لطيف ايوارڊ سان نوازيو. ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت سيد ذوالفقار علي شاهه ۽ لائيو اسٽاڪ کاتي جو صوبائي صلاحڪار نجمي عالم سميت ٻيا موجود هئا. تقريب کي مختصر خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته منهنجي لاءِ فخر جي ڳالهه آهي ته شاهه لطيف جي عرس مبارڪ جي تقريب ۾ شريڪ آهيان، سندس پيغام کي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ ڪوشش ڪئي وڃي، شاهه لطيف جي شاعري ۾ محبت جو درس آهي، لطيف سائين نه صرف پنهنجي ڌرتي پر پوري عالم لاءِ دعا ڪئي. وڏي وزير چيو ته هن وقت فلسطين ۽ ڪشمير ۾ ظلم ۽ ڏاڍ ٿي رهيو آهي اسان گڏيل قومن کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي امن جي پيغام کي سمجهن. وڏي وزير بهترين ڪارڪردگي تي درگاهه جي بهترين راڳي جو ايوارڊ سيد سجاد حسين شاهه لطيفي، بهترين سگهڙ جو ايوارڊ گل حسن گل، بهترين محقق جو ايوارڊ نواز علي شوق، بهترين سازندي جو ايوارڊ جئي رام جوڳي، بهترين ڍولڪ نواز جو ايوارڊ محمد نواز، بهترين راڳي جو ايوارڊ صوفي مانجهي فقير، ۽ عرس مبارڪ دوران بهترين انتظامن تي ڊپٽي ڪمشنر مٽياري  محمد يوسف شيخ ۽ ايس ايس پي مٽياري سيد اصغر شاه کي ايوارڊ ڏنا ويا.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے