ملڪ ۾ اڄ به سون مهانگو ٿي ويو.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 800 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 61 هزار 800 رپيا آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون 686 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 24 هزار 451 رپين جو ٿي ويو آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 8 ڊالر گهٽجڻ سان 2 هزار 504 ڊالر في اونس آهي.