مبارڪپور ويجهو موسيٰ شاخ کي گذريل ڏينهن لڳل 50 فوٽ گهارو وڌي 100 فوٽ ٿي ويو
پاڻيءَ ۾ چاڙهه بعد ڳوٺاڻن پاران وڌل مٽيءَ جا ٻاچڪا لڙهي ويا، گهاري جو پاڻي لاشاري ڳوٺ کي ٻوڙڻ بعد ڳوٺ جمن شاهه جيلاني ۾ داخل، قبرستان ۽ ساريالو فصل پاڻيءَ هيٺ
ڳوٺاڻن جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن آبپاشي کاتي ۽ ڊي سي کي اطلاع باوجود گهارو ٻڌڻ لاءِ ڪير به نه پهتو، موسيٰ شاخ کي هڪ مهيني دوران 10 گهارا لڳي چڪا آهن، ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت گهارا بند ڪري رهيا آهن