مبارڪ ثاني ڪيس جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ جي سامهون اڄ مذهبي پارٽين جي احتجاج جي اپيل سبب جاڙن شهرن جا رستا بند ڪري ريڊ زون کي سيل ڪيو ويو آهي ۽ اسڪولن جي موڪل ڪئي وئي آهي. رات دير کان موٽروي سميت جاڙن شهرن جا رستا بند ڪري اڄ اسڪولن جي به موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي
جڏهن ته پي ٽي آءِ به جلسو ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. اڄ رات کان ئي موٽروي سميت اسلام آباد ۽ راولپنڊي طرف ويندڙ سمورا رستا، ڪنٽينر ۽ ٻيون رنڊڪون بيهاري بند ڪيا ويا آهن جڏهن ته اسڪولن جي لاءِ به موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. رستا بند هجڻ سبب صبح جو سوير کان ئي شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن ته ڪيترن ئي هنڌن تي رستو نه ملڻ سبب گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون آهن.
اسلام آباد انتظاميه طرفان جلسي ۽ سياسي قافلن کي نظر ۾ رکندي ريڊ زون کي سيل ڪيو ويو آهي، سرڪاري ۽ نجي اسڪولن جي لاءِ اڄ 22 آگسٽ تي موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي. ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد صورتحال جي حوالي سان اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ۽ چيو ته ٻارن جي حفاظت کي نظر ۾ رکندي اسڪولن کي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. ٻئي پاسي پنجاب حڪومت به گذريل ڏينهن صوبي ۾ قلم 144 لاڳو ڪري ڇڏي هئي جنهن جي تحت جلسن، ريلين ۽ ڌرڻن تي پابندي لڳائي وئي هئي، ٽن ڏينهن جي پابندي اڄ 22 آگسٽ کان شروع ٿي وئي.