پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) جي اختيارين چيو آهي ته ورچوئل پرائيويٽ نيٽ ورڪ(وي پي اين) کي بلاڪ نٿا ڪري سگهون.
اسلام آباد ۾ سينيٽر پلوشه محمد زئي خان جي صدارت هيٺ سينيٽ جي قائمه ڪميٽي براءِ انفارميشن ٽيڪنالاجي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پاڪستان سافٽ ويئر ايڪسپورٽ بورڊ اختيارين بريفنگ ۾ چيو ته عالمي گلوبل آءِ ٽي مارڪيٽ ۾ پاڪستان جو حصو 0.04 سيڪڙو کان به گهٽ آهي. گذريل سال پاڪستان جي آءِ ٽي گروپ 20 سيڪڙو رهي. پاڪستان جي آءِ ٽي ۾ 54 سيڪڙو آمريڪا، يورپ جو 21 سيڪڙو،عرب ملڪن جو 10 سيڪڙو ايڪسپورٽ آهي، هڪ ارب روپين جي لاڳت سان آءِ ٽي روزگار پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون.
اجلاس ۾ پاڪستان ٽيلي ڪميونيڪيشن اٿارٽي(پي ٽي اي) جي انفورسمينٽ ٻڌايو ته 18 جون 2024 تي ڪراچي سمنڊ جي ڀرسان ايس ايم ڊبليو فور آپٽيڪل فائبر ڪيبل جي ڪٽ سبب انٽرنيٽ ٽريفڪ ۾ مسئلو ٿيو، اڃان تائين اهو مڪمل طور تي صحيح نه ٿي سگهيو آهي، ان تي ڪم ٿي رهيو آهي. سب ميرين ڪيبل جي صحيح ٿيڻ جو ڪوبه ٽائيم نٿو ڏئي سگهجي. اي اي اي ون سب ميرين ڪيبل جي خرابي به سامهون آئي آهي جنهن ۾ خرابي 27 آگسٽ تي ختم ٿيڻ جو امڪان آهي. اسان وٽ 7 ڪيبلز آهن جن جي طاقت 3.5 ٽيرا بائٽ ڪيپسٽي آهي جيڪا رات جو 7.5 ٽيرا بائٽ ٿي ويندي آهي.
پي ٽي اي اختيارين ٻڌايو ته گهرو وزارت جي هدايت تي ٽوئٽر بند ڪيو ويو آهي، ڇو ته ٽوئٽر پابندي مڙهيل مواد جي باري ۾ اسان جي شڪايت تي ڪمپلينٽس نٿو ڪري، پاڪستان ۾ وي پي اين کان سواءِ ايڪس نٿو هلي سگهي، جيڪڏهن ڪجهه ماڻهو وي پي اين استعمال ڪري ايڪس استعمال ڪندا آهن ته سمورن وي پي اينز کي پي ٽي اي ڪنٽرول نٿو ڪري. اسان وي پي اين کي بلاڪ نٿا ڪري سگهون. پي ٽي اي وي پي اين کي بند نٿو ڪري سگهي ڇو ته ان سان ڪاروبار متاثر ٿيندو آهي. ڪميٽي سب ميرين ڪيبلز جا فالٽ ختم ڪرڻ جو ٽائيم فريم گهرندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.