تازا ترين

ڪنڊيارو: ڳوٺ صديق لاکو مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان

ڪنڊيارو جي ڳوٺ صديق لاکو مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان، ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ صديق لاکو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان بڻيل

فوت ٿيل عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته حمير لاکو جي گهرواري جي طبيعت خراب ٿي وئي، رستا ٻڏل هجڻ ڪري کيس اسپتال  منتقل نه ڪري سگهياسين

هنن چيو ته ناري گهر ۾ تڙپي تڙپي دم ڏنو، قبرستان ۾  پاڻي هجڻ سبب مجبوري ۾ ميت سدا واهه جي ڪپ تي دفنائي وئي

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته ڳوٺ صديق لاکو ۾ 2022 وارين برساتن  تباهي ڪئي هئي، هاڻ به ڳوٺ ۾ گوڏي جيڏو پاڻي بيٺل آهي

ڳوٺاڻن جو چوڻ هو ته اسڪول پاڻي هيٺ اچڻ سبب شاگرد سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻ تي مجبور آهن، انتظاميه ننڊ سُتل آهي، پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے