9 مئي سانحي راولپنڊي جي 14 ڪيسن ۾ اڳوڻي پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر واثق قيوم عباسي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبر عمر تنوير بٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف سلطاني شاهد ۽ ڏوهه جي اعتراف 164 سيڪشن جي بيانن جي ترديد ڪري ڇڏي آهي.
عدالت ۾ بيان رڪارڊ ڪرائيندي ٻنهي ڄڻن چيو ته اسان ڪڏهن به اعترافي بيان ناهي ڏنو، پوليس جو موقف ڪوڙو آهي. پي ٽي آءِ باني چيئرمين هميشه پرامن احتجاج جي هدايت ڪئي. ٻنهي ثبوت نه هجڻ جي آڌار تي درخواستون به داخل ڪري ڇڏيون.
دهشتگردي جي انت واري عدالت جي خصوصي جج ملڪ اعجاز آصف جي آڏو اڄ واثق قيوم عباسي ۽ عمر تنوير بٽ پيش ٿيا ۽ اعترافي بيان جي ترديد ڪندي بيان ڏنو ته اسان عمران خان ۽ بشريٰ بي بي جي خلاف سلطاني شاهد بڻجي ڪوبه اهڙو بيان ڪنهن مئجسٽريٽ جي سامهون يا لکت ۾ ناهي ڏنو.
هن عدالت کي ٻڌايو ته اسان کي عمران خان هميشه پرامن جدوجهد جو درس ڏنو، عمران خان جي خلاف سنگين نوعيت جي الزامن بابت اسان جي بيان جي ڪابه حيثيت نه آهي.
ٻنهي اڳواڻن طرفان فيصل ملڪ ايڊووڪيٽ درخواست داخل ڪئي آهي جنهن کي عدالت سمورن ڪيسن جو رڪارڊ جو حصو بنائي ڇڏيو آهي. بشريٰ بي بي کي پوليس انهي جي بيانن جي بنياد تي 9 مئي سانحي جي ڪيسز ۾ نامزد ڪيو هو، عدالت ٻنهي ڄڻن کي ثبوت نه هچڻ جي بنياد تي بري ڪرڻ جي درخواستن تي به ٻڌڻي جي لاءِ منظور ڪندي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.