صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه ۽ زخمين کي پاڪستان آڻن لاءِ سي 130 جهاز جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو رات مڙه کڻي جيڪب آباد پهچندو ائيرپورٽ تي سمورا انٽظام مڪمل ڪري ورتا آهن. منصوبابندي، ترقي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه ايران حادثي ۾ شهيد ٿيل زائرين جي حوالي سان ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آهي ته ايران ۾ زائرين سان افسوسناڪ حادثو پيش آيو آهي جنهن تي اسان کي دلي ڏک پھتو آهي ان سلسلي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي هدايت تي ايران ۾ پاڪستان جي سفير ۽ ايراني اختيارين سان رابطو پڻ ڪيو ويو. ھن چيو ته وزيراعظم پاڪستان شهباز شريف شهيد زائرين جا مڙهه پاڪستان آڻڻ لاءِ فوري طور سي 130 جهاز جو بندوبست ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا، سي 130 جي پاڪستان پهچڻ ۾ دير ٿي آهي, سي 130 جهاز رات 12 وڳي کانپوءِ شهباز ايئرپورٽ جيڪب آباد پهچندو. ھن چيو ته سنڌ حڪومت وارثن جي سهولت لاءِ سمورا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. جيڪب آباد ايئرپورٽ تي ريسڪيو 1122 جون 40 کان وڌيڪ ايمبولينسون موجود آهن. سي 130 جهاز ۾ زخمين کي به آندو پيو وڃي، جنهن لاءِ اسپتالن ۾ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته سخت زخمين کي ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ ايئر ايمبولينس به موجود آهي.