تازا ترين

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي.

دوداپور ڀرسان پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمديوسف ۾ ڪٽوهر برادري جي ٻن سئوٽن غفور ڪٽوهر ۽ محمد يوسف ڪٽوهر وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو.

فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب 40 ورهين جو محمد يوسف ڪٽوهر سخت زخمي ٿي پيو جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو واقعي بعد جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويوفوتي جو مڙهه ضروري ڪاروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو.

آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو نه ئي گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

امامن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ۾ موڪل جو اعلان

سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 26 آگسٽ تي عام موڪل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے