تازا ترين

سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه، سيوهڻ تعلقي جو ڪچو ٻڏي ويو، فصل تباهه

سيوھڻ تعلقي جي ڪچي ۾ سنڌو درياهه ۾ ايندڙ زبردست چاڙھ سبب تعلقي جو ڪچو پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونين ڪائونسل ٽلٽي جا 35 کانوڌيڪ ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ ديرديرو، بلاولپور، پيرل هاليپوٽو، حيات جلباڻي، ڀورل جتوئي، ٻگهيا، نور نبي هاليپوٽو، نئون واهڻ، دڙي وارا جتوئي سميت ٻيا ڪافي ڳوٺ پاڻي جي لپيٽ ۾ اچڻ ڪري ڄاڻايل ڳوٺن جو سيوھڻ، ڀان سيد آباد سميت ٻين  شهرن ۽ علائقن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو  آهي

پاڻي سبب آبادگارن جا سوين ايڪڙ فصل به ٻڏي ويا آهن، ڳوٺاڻن دانهيندي چيو ته ڪچي واري علائقن ۾ پاڻي بيهجي ويو آهي، اسان کي نڪرڻ جي لاءِ ٻيڙيو به فراهم نه ڪيون ويون آهن، سندن چوڻ هو علائقن ۾ مسلسل پاڻي بيهڻ سبب هو بيمارين ۾ وٺجي ويا آهن، کين سرڪاري ٻيڙيون ۽ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي واهر ڪئي وڃي

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے