وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه موجب وفاقي حڪومت يوٽيلٽي اسٽورز انتظاميه کي 2 هفتن جو وقت ڏنو آهي جڏهن ته يوٽيلٽي اسٽورز تي موجود شين تي سبسڊي ختم ٿي چڪي آهي. انتظاميه موجب دڪانن جي بندش جي خبر کانپوءِ 11 هزار کان …
تفصيل »ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه پاڪستان آڻن لاءِ خاص جهاز جو بندوبست ڪيو ويو آهي: ناصر شاهه
صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه ۽ زخمين کي پاڪستان آڻن لاءِ سي 130 جهاز جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو رات مڙه کڻي جيڪب آباد پهچندو ائيرپورٽ تي سمورا انٽظام مڪمل ڪري ورتا آهن. منصوبابندي، ترقي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد …
تفصيل »صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت ڪري ڇڏي
صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ مريم نواز طرفان پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت ڪئي وئي آهي. صدر آصف علي زرداري پاران پنجاب پوليس تي حملي جي مذمت، شهيد اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ويو آهي. ايوان صدر مان جاري ٿيل بيان موجب صدر آصف …
تفصيل »شيخ حسينه واجد خلاف هڪ شخص جي قتل جو ٻيو به ڪيس داخل
بنگلاديشي ڪرڪيٽر شڪيب الحسن ۽ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد خلاف ڍاڪا ۾ مارچ دوران هڪ شخص جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ڍاڪا جي ايڊابار ٿاڻي تي رفيق السلام نالي شهريءَ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر موجب 5 آگسٽ تي ڍاڪا ۾ …
تفصيل »دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو
دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. دوداپور ڀرسان پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمديوسف ۾ ڪٽوهر برادري جي ٻن سئوٽن غفور ڪٽوهر ۽ محمد يوسف ڪٽوهر وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ جي …
تفصيل »امامن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ۾ موڪل جو اعلان
سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 26 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي طرفان 26 آگسٽ تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان ڪيو ويو. ياد رهي ته چاليهي جي …
تفصيل »سون جي اگهه ۾ اڄ به واڌ
ملڪ ۾ اڄ به سون مهانگو ٿي ويو. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب 200 رپيا واڌ کانپوءِ في تولي سون جي قيمت ٻه لک 62 هزار رپيا ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون 172 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 24 هزار 623 رپين جو ٿي …
تفصيل »پوري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو
ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 25 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين تيز هوائن سان وسڪارن جو امڪان آهي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفاني وسڪارن دوران سنڌ، بلوچستان …
تفصيل »سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه، سيوهڻ تعلقي جو ڪچو ٻڏي ويو، فصل تباهه
سيوھڻ تعلقي جي ڪچي ۾ سنڌو درياهه ۾ ايندڙ زبردست چاڙھ سبب تعلقي جو ڪچو پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونين ڪائونسل ٽلٽي جا 35 کانوڌيڪ ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ ديرديرو، بلاولپور، پيرل هاليپوٽو، حيات جلباڻي، ڀورل جتوئي، ٻگهيا، نور نبي هاليپوٽو، نئون واهڻ، دڙي وارا …
تفصيل »بجلي وڌيڪ 3 رپيا 9 پئسا مهانگي ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي نيپرا ۾ درخواست
ڪراچي ۾ بجلي ورهائيندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي 3 رپيا 9 پئسا وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي جيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيپرا …
تفصيل »