تازا ترين

دنيا

شاگردن جي الٽيميٽم بعد بنگلاديش جي صدر پارليامينٽ ٽوڙي ڇڏي

بنگلاديش جي صدر شهاب الدين پارليامينٽ کي ٽوڙي ڇڏيو آهي. بنگلاديشي ميڊيا موجب شاگرد اڳواڻ بنگلاديش جي پارليامينٽ کي ٽوڙڻ لاءِ صدر کي 3 وڳي تائين مهلت ڏني هئي.ٻئي طرف بنگلاديش نيشنل پارٽي جي ترجمان اي ڪي ايم وحيد الزمان اي ايف پي کي ٻڌايو ته اڳوڻي وزيراعظم ۽ مخالف …

تفصيل »

ايران ڪنهن به وقت اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو: آمريڪي ميڊيا جي دعويٰ

آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن اڄ اسرائيل تي ايراني حملي جي وارننگ جاري ڪري ڇڏي آهي، عالمي ميڊيا موجب ٽن آمريڪي ۽ اسرائيلي عهديدارن دعويٰ ڪئي آهي ته  ايران اڄ امڪاني طور تي ڪنهن به وقت اسرائيل تي حملو ڪري سگهي ٿو. تازو ئي حماس ۽ حزب الله جي سينئر اڳواڻن …

تفصيل »

بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينا واجد استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار

بنگلاديش ۾ پرتشدد مظاهرن بعد وزيراعظم حسينه واجد عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڀارت فرار ٿي وئي. بنگلاديش ۾ هڪ مهيني کان جاري پرتشدد احتجاج ۽ سوين ماڻهن جي موت کانپوءِ بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد استعيفيٰ ڏئي ڇڏي ۽ ملڪ مان فرار ٿي وئي. ڀارت ۾ موجود بنگلاديشي هاءِ …

تفصيل »

فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ بيٺل رهندي: بنگلاديشي آرمي چيف

بنگلاديش جي آرمي چيف جنرل وقار الزمان چيو آهي ته فوج هميشه عوام سان گڏ بيٺي آهي ۽ رهندي. بنگلاديش جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) ڊائريڪٽوريٽ موجب آرمي چيف گذريل ڏينهن آفيسرن کي خطاب ڪيو. بنگلاديش ۾ جاري پرتشدد عوامي احتجاج دوران آرمي آفيسرن کي خطاب …

تفصيل »

جنگ جو خطرو: آمريڪا، برطانيا جي شهرين کي لبنان ڇڏڻ جي هدايت

حزب الله ۽ اسرائيل وچ ۾ امڪاني جنگ جي خطري سبب آمريڪي ۽ برطانوي سامونڊي جهاز وچ اوڀر ۾ مقرر ڪيا ويا آهن. آمريڪا، برطانيا، فرانس، ڪينيڊا ۽ اردن پنهنجي شهرين کي جلد کان جلد لبنان ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. برطانيا جو چوڻ آهي ته هو پنهنجي شهرين جي …

تفصيل »

ڊونلڊ ٽرمپ، ڪاملا هيرس سان طئي ٿيل مباحثي ۾ حصو وٺڻ کان لنوائڻ لڳو

ريبپلڪن صدارتي اميدوار ڊونلڊ ٽرمپ ڊيموڪريٽ مخالف ۽ آمريڪا جي نائب صدر ڪاملا هيرس سان آمريڪي ٽي وي چئنل تي مباحثي کان لنوائڻ لڳو. اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته ڪاملا هيرس جي جو بائيڊن جي جاءِ والارڻ سان مباحثو ختم ٿي ويو …

تفصيل »

بنگلاديش ۾ شاگردن جي سول نافرماني تحريڪ: پهرين ڏينهن مظاهرن ۾ 23 ڄڻا مارجي ويا

بنگلاديش ۾ شاگردن سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي، ان دوران اڄ ٿيندڙ مظاهرن ۾ هينئر تائين 23 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، شاگرد وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري رهيا آهن. بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجا مطالبا منظور نه ٿيڻ سبب هڪ دفعو ٻيهر روڊن تي …

تفصيل »

اسماعيل هنيه کان پوءِ حماس جو سربراهه ڪير ٿيندو؟ چونڊ جو عمل شروع

 فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس موجب اسماعيل هنيه جي شهادت کان پوءِ نئين سربراهه جي چونڊ جو عمل شروع ڪيو ويو آهي. حماس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته پنهنجي تحريڪ جي نئين سربراهه جي چونڊ جي لاءِ وسيع مشاورتي عمل جي شروعات ڪئي وئي آهي، حماس جي …

تفصيل »

سوئيڊن جو علائقائي ڇڪتاڻ سبب بيروت ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان

يورپي ملڪ سوئيڊن علائقائي ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي لبنان جي راڄڌاني بيروت ۾ سفارتخانو بند ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. پرڏيهي ميڊيا موجب، سوئيڊش پرڏيهي وزارت بيروت ۾ موجود سفارتي عملي کي قبرض وڃڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سوئيڊش پرڏيهي وزير سرڪاري رڊيو سان ڳالهائيندي چيو ته لبنان ۾ …

تفصيل »

آمريڪا پاران اسرائيل کي ايران جي امڪاني حملي کان بچائڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ جنگي ٻيڙو ۽ ويڙهاڪ جهاز اماڻڻ جو اعلان

آمريڪا پاران اسرائيل کي ايران جي امڪاني حملي کان بچائڻ لاءِ وچ اوڀر ۾ جنگي ٻيڙو ۽ ويڙهاڪ جهاز اماڻڻ جو اعلان، آمريڪا جي دفاع واري کاتي پينٽاگون جي ترجمان سيبرينا سنگهه پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايران جي اسرائيل تي امڪاني حملي جي خطري سبب …

تفصيل »