تازا ترين

سنڌ

ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه پاڪستان آڻن لاءِ خاص جهاز جو بندوبست ڪيو ويو آهي: ناصر شاهه

صوبائي وزير ناصر شاهه چيو آهي ته ايران ۾ شهيد ٿيل زائرين جا مڙه ۽ زخمين کي پاڪستان آڻن لاءِ سي 130 جهاز جو بندوبست ڪيو آهي جيڪو رات مڙه کڻي جيڪب آباد پهچندو ائيرپورٽ تي سمورا انٽظام مڪمل ڪري ورتا آهن. منصوبابندي، ترقي ۽ توانائي واري صوبائي وزير سيد …

تفصيل »

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ ڄڻو مارجي ويو آهي. دوداپور ڀرسان پنهون ڀٽي ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمديوسف ۾ ڪٽوهر برادري جي ٻن سئوٽن غفور ڪٽوهر ۽ محمد يوسف ڪٽوهر وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ جي …

تفصيل »

امامن جي چاليهي جي موقعي تي سنڌ ۾ موڪل جو اعلان

سنڌ حڪومت ڪربلا جي شهيدن جي چاليهي جي موقعي تي 26 آگسٽ تي عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو. تعليم کاتي طرفان 26 آگسٽ تي سرڪاري ۽ نجي اسڪول بند رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو، اهو فيصلو تعليم کاتي جي اسٽيئرنگ ڪميٽي طرفان ڪيو ويو. ياد رهي ته چاليهي جي …

تفصيل »

پوري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جو امڪان، ڪراچي ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو

ڪراچي سميت سموري سنڌ ۾ 25 آگسٽ کان تيز برساتن جو نئون سلسلو شروع ٿيڻ جا امڪان آهن  موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته 25 آگسٽ کان 29 آگسٽ تائين تيز هوائن سان وسڪارن جو امڪان آهي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته طوفاني وسڪارن دوران سنڌ، بلوچستان …

تفصيل »

سنڌوءَ جي پاڻيءَ ۾ چاڙهه، سيوهڻ تعلقي جو ڪچو ٻڏي ويو، فصل تباهه

سيوھڻ تعلقي جي ڪچي ۾ سنڌو درياهه ۾ ايندڙ زبردست چاڙھ سبب تعلقي جو ڪچو پاڻي ھيٺ اچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ يونين ڪائونسل ٽلٽي جا 35 کانوڌيڪ ڳوٺ جن ۾ ڳوٺ ديرديرو، بلاولپور، پيرل هاليپوٽو، حيات جلباڻي، ڀورل جتوئي، ٻگهيا، نور نبي هاليپوٽو، نئون واهڻ، دڙي وارا …

تفصيل »

بجلي وڌيڪ 3 رپيا 9 پئسا مهانگي ڪرڻ لاءِ ڪي اليڪٽرڪ جي نيپرا ۾ درخواست

ڪراچي ۾ بجلي ورهائيندڙ نجي ڪمپني ڪي اليڪٽرڪ نيپرا ۾ بجلي مهانگي ڪرڻ جي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي. ڪي اليڪٽرڪ طرفان بجلي 3 رپيا 9 پئسا وڌيڪ مهانگي ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. ڪي اليڪٽرڪ جولاءِ جي جيول پرائس ايڊجسٽمينٽ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، نيپرا …

تفصيل »

سنڌ جو وڏو وزير شاهه عبداللطيف ڀٽائي عرس جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت لا ڀٽ شاهه پهچي ويو، مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري

سنڌ جو وڏو وزير سيد مراد علي شاهه حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي عرس جي اختتامي تقريب ۾ شرڪت لاءِ ڀٽ شاهه پهچي ويو.جتي هن مزار تي چادر چاڙهي دعا گهري. ان موقعي تي صوبائي وزير ثقافت و سياحت سيد ذوالفقار علي شاهه ان سان گڏ هو. درگاهه تي چادر …

تفصيل »

حافظ نعيم الرحمان کي سنڌي لفظن جي اهميت بابت خبر نه آهي، کيس سنڌي سکڻ گهرجي: ناصر حسين شاهه

صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان کي اصل ۾ سنڌي لفظ جي اهميت ۽ تقدس جي خبر نه آهي، حافظ نعيم الرحمان کي سنڌي سکڻ گهرجي. صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان جي بيان تي رد عمل …

تفصيل »

ڪنڊيارو: ڳوٺ صديق لاکو مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان

ڪنڊيارو جي ڳوٺ صديق لاکو مان پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان، ڪنڊيارو ڀرسان ڳوٺ صديق لاکو مان برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيو، ڳوٺاڻا ميت دفنائڻ لاءِ پريشان بڻيل فوت ٿيل عورت جي وارثن جو چوڻ هو ته حمير لاکو جي گهرواري جي طبيعت خراب ٿي وئي، …

تفصيل »

ايران ۾ حادثي دوران بس ۾ دٻجي ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان معجزاڻي طور بچي ويو

ايران ۾ حادثي دوران بس ۾ دٻجي ويل لاڙڪاڻي واسي نوجوان معجزاڻي طور بچي ويو ايراني شهر يزدان ۾ روڊ حادثي دوران بس ۾ دٻجي ويل لاڙڪاڻي واسي زوار عبدالوهاب جاگيراڻي معجزاڻي طور بچي ويو  عبدالوهاب جاگيراڻي بس جي اندران والده کي مٺي ڏيندي وڊيو پيغام ۾ چيو هو ته …

تفصيل »