تازا ترين

پاڪستان

ايمل ولي خان جي گهر جو بجلي بل 10 لک رپيا اچي ويو

عوامي نيشنل پارٽي جي سربراهه سينيٽر ايمل ولي خان چيو آهي ته سندس گهر جو بجلي جو بل 10 لک رپيا اچي ويو آهي، ڪجهه نه ڪجهه وڪرو ڪري بل ادا ڪرڻو پوندو. پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايمل ولي خان چيو ته هن وقت ملڪ جو سڀ کان …

تفصيل »

عرفان صديقي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

 پاڪستان مسلم ليگ ن جي سينيٽر عرفان صديقي تعليم بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. گذريل ڏينهن ڪاميٽي اجلاس ۾ بشريٰ انجم بٽ عرفان صديقي کي ڳالهائڻ کان روڪيو هو. اجلاس ۾ سينيٽر فوزيا ارشد ۽ خالدا اطيب بشريٰ انجم بٽ کي عرفان صديقي کان معذرت ڪرڻ جو چيو …

تفصيل »

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اربين رپين جي گهوٻين جو انڪشاف

بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۾ اربين رپين جي مالي گهوٻين جو انڪشاف ٿيو آهي. آڊٽ رپورٽ 2022-23 ۾ 11 ارب 56 ڪروڙ جا اعتراض سامهون اچي ويا. رپورٽ موجب، مستحقن لاءِ برانچ ليس بينڪنگ اڪائونٽ کولڻ ۾ به گهوٻيون هنيون ويون. سنڌ ۽ بلوچستان ۾ برانچ ليس بينڪنگ اڪائونٽس مان …

تفصيل »

21 سالن کانپوءِ موت جي سزا ڪاٽيندڙ جوابدار ثبوت نه هئڻ جي بنياد تي آزاد

سپريم ڪورٽ جي شريعت اپيليٽ بينچ ٻٽي قتل ۽ زيادتي جي ڏوهه ۾ موت جي سزا آيل جوابدار کي 21 سالن کانپوءِ ثبوتن جي کوٽ ۽ شڪ جو فائدو ڏيندي آزاد ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس آف پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني شريعت اپيلٽ بئنچ ٻٽي قتل …

تفصيل »

ڪٿي آهن اهي جيڪي چوندا هئا ته اسان ٻه قومي نظريي کي خليج بنگال ۾ غرق ڪري ڇڏيو آهي؟ آرمي چيف

آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو آهي ته جيڪي چوندا هئا ته اسان ٻه قومي نظريي کي خليج بنگال ۾ غرق ڪري ڇڏيو، اڄ اهي ڪٿي آهن؟ اسلام آباد ۾ علماء ۽ مشائخ ڪانفرنس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل سيد عاصم منير چيو ته جيڪي ماڻهو شريعت ۽ …

تفصيل »

وزيراعظم وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي

وزيراعظم شهبازشريف چوماسي جي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي. اسلام آباد ۾ وزيراعظم شهبازشريف ٻوٽو پوکي وڻڪاري مهم جي شروعات ڪئي. ان موقعي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته چوماسي جي وڻڪاري مهم شروع ڪئي ويئ آهي، جنهن ۾ 10 ڪروڙ کان وڌيڪ وڻ پوکيا ويندا، چوماسي جي مند …

تفصيل »

ٽرمپ حملو سازش: پاڪستاني شهري جي گرفتاري تي پرڏيهي وزارت جو بيان سامهون اچي ويو

اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ ٻين آمريڪي سياستدانن جي قتل جي سازش جي الزام ۾ پاڪستاني شهري جي گرفتاري تي پرڏيهي وزارت جو رد عمل سامهون اچي ويو آهي. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ  بيان ۾ چيو آهي ته اسان ميڊيا رپورٽون ڏٺيون آهن، اسان ان حوالي …

تفصيل »

پي ٽي آءِ باني شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏنو، هڪ مجسمو ڪريو ته بيان تبديل ڪيو ويو: عطا تارڙ

 اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته شيخ مجيب کي هيرو قرار ڏيندڙ پي ٽي آءِ باني جي پارٽي ڍاڪا ۾ هڪ مجسمو ڪرڻ تي پنهنجو بيان تبديل ڪري ورتو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو ته آئين چوي ٿو …

تفصيل »

پي ٽي آءِ اڳواڻ شاهد صديق قتل ڪيس جا جوابدار ٽريس، ٽئي مائيٽ نڪتا

لاهور پوليس پي ٽي آءِ اڳواڻ ڊاڪٽر شاهد صديق جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي ٽريس ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب، شاهد صديق جي قتل ۾ ملوث ٽئي ڀاڙي جا قاتل پيءُ، پٽ ۽ ڀائيٽيو آهن جڏهن ته جوابدار پهريان به ڪيئي ڪيسن ۾ گهربل آهن. پوليس ذريعن جو …

تفصيل »

راشد محمود لنگڙيال ايف بي آر چيئرمين مقرر

وفاقي حڪومت راشد محمود لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو ويو آهي. نوٽيفڪيشن موجبپاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروس جي رشد لنگڙيال کي ايف بي آر چيئرمين مقرر ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب، 21 گريڊ جو آفيسر راشد لنگڙيال سيڪريٽري پاور ڊويزن طور خدمتون …

تفصيل »