اسلام آباد ۾ برساتي پاڻي ۾ وهنجڻ دوران ڪرنٽ لڳڻ سبب 2 ٻارڙا فوت ٿي ويا. پوليس موجب افسوس ناڪ واقعو اسلام آباد جي سيڪٽر ايف اليون 2 ۾ پيش آيو. پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙا برساتي پاڻي ۾ وهنجي رهيا هئا. پوليس موجب، امدادي ٽيمن ٻارڙن جو لاش …
تفصيل »سنڌ پاران پنهنجي بجلي ڪمپني ٺاهڻ جو اعلان، گئس جو حصو ڏيو:مراد شاهه
سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ ستر سيڪڙو گيس پيدا ڪندي آهي، اسان کي پنهنجي صنعتن لاءِ آر ايل اين جيز بدران پنهنجي گيس جي ضرورت آهي ۽ ان تي سڀني فورمن تي ڳالهائينداسين. پاڪستان جي توانائي بحران جو حل فقط سنڌ وٽ آهي. …
تفصيل »ٽيڪس جمع نه ڪرائيندڙ گاڏين خلاف ڪارروايون ٿينديون: شرجيل ميمڻ
ايڪسائز کاتي، حڪومت سنڌ انقلابي قدم کڻندي ٽيڪس نظام کي ون لنڪ سان ڳنڍي ڇڏيو آھي، جنھن تحت عوام ھاڻي گھر ويٺي ٽيڪس ادا ڪري سگھندا. سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت ھيٺ ايڪسائز ۽ ٽيڪسيشن کاتي جو اھم اجلاس ڪراچي ۾ ٿيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ايڪسائز …
تفصيل »سنڌ حڪومت جو 2 لک گهرن کي سولر سسٽم ڏيڻ جو اعلان
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو چوڻ آهي ته سنڌ ۾ 2 لک گهرن کي سولر سسٽم فراهم ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته ٻوڏ متاثرن جي 20 لک گهرن کي به سولر سسٽم ڏيون. وزيراعليٰ هائوس ۾ 2 لک سولر هوم سسٽم ڪٽس جي فراهمي لاءِ صحيحن واري …
تفصيل »حيدرآباد ۾ فصل جي ڀيل تان 10 ورهين جو ڌنار گوليون هڻي قتل
حيدرآباد جي علائقي سيري ۾ فصل جي ڀيل تان بااثر زميندار 10 ورهين جي ڌنار کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس موجب، ٻڪريون فصل ۾ پوڻ تان زميندار ڌنار نينگر مٿان فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب نينگر مارجي ويو. ايس ايس پي حيدرآباد چيو آهي ته زميندار جي …
تفصيل »برساتن ۾ ماڻهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون: سعيد عني
سنڌ ۾ پيپلزپارٽي جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته برساتن ۾ ماڻهن جي پريشانين کي گهٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. حيدرآباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سعيد غني چيو ته وڌيڪ برساتون پونديون ته اسان جي سسٽم ۾ ايتري صلاحيت ناهي جو فوري نيڪالي ٿئي، ترقي يافتا …
تفصيل »ڊنمارڪ پاران پاڪستان ۾ 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري، وفاقي ڪابينا منظوري ڏئي ڇڏي
وفاقي ڪابينا پاڪستاني بندرگاهن تي ڊنمارڪ پاران 2 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير قيصر احمد شيخ ان حوالي سان صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو آهي ته ڊنمارڪ پاڪستاني بندرگاهن کي ترقي ڏيڻ لاءِ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪرڻ لاءِ …
تفصيل »جماعت اسلامي پاران اڄ کان ڪراچي ۾ به ڌرڻو شروع ڪرڻ جو اعلان
جماعت اسلامي پاران بجليءَ جي اگهن ۽ ٽيڪسز ۾ واڌ خلاف اڄ کان ڪراچي ۾ به ڌرڻو شروع ڪرڻ جو اعلان، راولپنڊي ۾ ڌرڻي کي خطاب ڪندي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته اسان جو ڌرڻو ملڪي سياست جو نئون موڙ ثابت ٿيندو، مطالبا تسليم نه ٿيڻ …
تفصيل »سنڌ جي مختلف علائقن ۾ چوٿين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري
سنڌ جي مختلف علائقن ۾چوٿين ڏينهن به ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات جاري، ڪراچي، حيدرآباد ۽ سکر ۾ اربن فلڊنگ جو خدشو، هيٺاهين وارا علائقا پاڻيءَ هيٺ اچي ويا، سکر، ڏهرڪي، سلطانپور، ڪنب، ڪرونڊي، رپڙي، فيض گنج ۽ پڊعيدن ۾ وسڪارو، مبارڪپور، دوداپور، لاڙڪاڻو، نئون ديرو، ٺري ميرواهه، چوٽياريون، …
تفصيل »وزيراعظم هنگامي قدمن ذريعي جبري گمشدگي جي هن مڪروهه عمل جو ازالو ڪري: اسلام آباد هاءِ ڪورٽ
جبري گمشدگي جي سموري ذميواري وزيراعظم ۽ ڪابينا تي لاڳو ٿئي ٿي، ضروري آهي ته وزيراعظم هنگامي قدمن ذريعي جبري گمشدگي جي هن مڪروهه عمل جو ازالو ڪري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ اڳواڻ شهباز گِل جي ڀاءُ جي بازيابيءَ لاءِ درخواست تي ٻڌڻيءَ جو لکت ۾ حڪمنامو …
تفصيل »
Awami Mahaz Sindhi News Papers