تازا ترين

پاڪستان

پي ٽي آءِ باني جو 9مئي واقعن تي مشروط معافي وٺڻ جو اعلان

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان مشروط معافي وٺڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو. اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پهريان 9 مئي جون سي سي ٽي وي فوٽيجز آنديون وڃن. هن چيو ته جيڪڏهن پي ٽي آءِ جا ماڻهو 9 مئي واقعن ۾ ملوث آهن …

تفصيل »

اويس لغاري جا آءِ پي پيز جي آڊٽ بابت سينيٽ ڪميٽي آڏو اهم انڪشاف

توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري سينيٽ جي توانائي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ پي پيز جي فارنزڪ بابت اهم انڪشاف ڪيا آهن. سينيٽ جي پاور ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سردار اويس لغاري ٻڌايو ته پي ٽي آءِ جي دور ۾ محمد علي …

تفصيل »

بيرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي

پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين بيرسٽر گوهر شير افضل مروت کي پي ٽي آءِ باني عمران خان سان ملاقات ڪرڻ جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي. بيرسٽر گوهر ۽ شير افضل مروت جي ملاقات کان پوءِ پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي بيرسٽر گوهر چيو ته مان ته چوان ٿو ته …

تفصيل »

ايران جي درخواست تي گهرايل او آءِ سي اجلاس، اسحاق ڊار اڄ جده روانو ٿيندو

 پاڪستان جو نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار او آءِ سي اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ اڄ شام جده روانو ٿيندو. پرڏيهي وزارت جي ترجمان ممتاز زهره موجب او آءِ سي اجلاس اسلامي جمهوريه ايران ۽ فلسطين جي درخواست تي گهرايو پيو وڃي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي …

تفصيل »

8 آگسٽ کان ڌرڻو اڳيان وڌندو، 14 آگسٽ کان پوءِ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته 8 آگسٽ کان ڌرڻو اڳيان وڌندو، 14 آگسٽ کان پوءِ مڪمل هڙتال ڪئي ويندي. حافظ نعيم الرحمان مهانگي بجلي جي خلاف راولپنڊي ڌرڻي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ پي پيز جا ڪجهه معاهدا ختم ۽ ڪجهه تي …

تفصيل »

پاڪستان ۾ آبادي وڌڻ جو بم ڦاٽي چڪو آهي، ان کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو: محمد اورنگزيب

 ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان کي موسمياتي تبديلين جي اثرن کان بچڻ سان گڏ آبادي کي ڪنٽرول ڪرڻو پوندو ڇو ته پاڪستان ۾ آبادي تمام گهڻي وڌي چڪي آهي، ملڪ ۾ آبادي وڌڻ جو بم ڦاٽي چڪو آهي. اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي …

تفصيل »

اسد عمر جي عدالت ۾ پيشي تي طبيعت خراب، اسپتال منتقل

 لاهور ۾ دهشتگردي جي انت واري  عدالت ۾ پيشي دوران اسد عمر جي طبيعت اوچتو خراب ٿي وئي، اسد عمر جي طبيعت خراب ٿيڻ سبب کيس عدالت جي ڪمري مان کڻي مرڪزي گيٽ تي  موجود گاڏي ۾ منتقل ڪيو ويو. پي ٽي آءِ اڳواڻ زين قريشي اسد عمر کي کڻي …

تفصيل »

هڪ ڪوٽا سسٽم حسينه واجد کي کائي ويو، اسان کي به انهي وقت کان ڊڄڻ گهرجي: فاروق ستار

متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي اڳواڻ فاروق ستار چيو آهي ته هڪ ڪوٽا سسٽم حسينه واجد کي کائي ويو، اسان کي به انهي وقت کان ڊڄڻ گهرجي. قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته اليڪشن ايڪٽ 2024 ترميمي بل تي ڳالهائڻ چاهيو ٿي، اسان کي …

تفصيل »

اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ، اپوزيشن جو احتجاج

مخالف ڌر جي سخت احتجاج ۽ شور شرابي دوران قومي اسيمبلي اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل اڪثريت راءِ سان منظور ڪري ورتو.قومي اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ پارلياماني معاملن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين اليڪشن ايڪٽ ترميمي بل ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي.ان دوران …

تفصيل »

حالتون ڪنٽرول کان نڪري ويون ته وزيراعظم کي ايئرپورٽ وڃڻ جو موقعو نه ملي سگهندو: حافظ نعيم الرحمان

جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته حالتون ڪنٽرول کان نڪتيون ته وزيراعظم کي ايئرپورٽ وڃڻ جو به موقعو نه ملي سگهندو. ڪراچي ۾ گيس ۽ بجلي جي ڳرن بلن، آءِ پي پيز سان عوام دشمن معاهدن، ظالماڻي ٽيڪسز جي خلاف گورنر هائوس تي جاري ڌرڻي کي …

تفصيل »