ڪراچي ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني دوران ڦورن جي فائرنگ سبب 16 شهري حياتيون وڃائي ويٺا
Author
اپریل 8, 2024
تازا ترين, سنڌ
200 Views
ڪراچي ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني دوران به شهري ڦورن جي هٿان محفوظ نه رهي سگهيا. مقدس مهيني ۾ به عوام وڏي انگ ۾ موبائيل، موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين تان هٿ ڌوئي ويٺا.
جاري ڪيل انگن اکرن موجب شهر ۾ هڪ مهيني جي دوران اسٽريٽ ڪرائيم جي 6780 وارداتون ٿيون. 20 گاڏيون ڦر ڪيون ويون ۽ 130 کان وڌيڪ چوري ڪيون ويون.
ڪراچي ۾ رمضان جي ڀلاري مهيني دوران ڦورن جي فائرنگ سبب 16 شهري حياتيون وڃائي ويٺا. انگن اکرن موجب 830 موٽر سائيڪلون ڦر ڪيون ويون ۽ 4200 چوري ڪيون ويون جڏهن ته هڪ مهيني ۾ موبائل ڦرڻ جون 1600 وارداتون ٿيون.
ٻئي طرف ڪراچي ۾ گذريل هفتي پوليس مقابلي ۾ 5 ڦورو مارجي ويا ۽ 32 زخمي ٿي پيا. جڏهن ته 42 ڦورن کي گرفتار ڪيو ويو.
پوليس موجب ڦورن کان 43 قسم جا هٿيار هٿ آيا آهن جوابدارن کان ڦر ۽ چوري ڪيل 60 موٽر سائيڪلون ۽ 4 گاڏيون به هٿ آيون آهن. پوليس موجب شهر ۾ ڇاپن دوران گڏيل طور تي 977 جوابدار گرفتار ٿيا آهن.