تازا ترين

سنڌ حڪومت جو بس اڏا ڪراچي کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو

سنڌ حڪومت بس اسٽينڊ شهر کان ٻاهر منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي ۾ موجود سمورن بس اسٽينڊن کي شهر کان ٻاهر منتقل ڪيو پيو وڃي ۽ شهر کان بس اسٽينڊ تائين شٽل سروس هلائي ويندي.هن چيو ته ڳري گاڏين جي ڪري شهرين کي به پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي ۽ ان سان روڊن تي دٻاءُ به وڌي ٿو، ڪراچي شهر مان سمورا بس بيس (انٽر سٽي) ٻاهر منتقل ڪيا پيا وڃن.شرجيل ميمڻ چيو ته بس ٽرمينل ۾ وڌيڪ جديد سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، ڪراچي بس ٽرمينل تي پوليس چيڪ پوسٽ به ٺاهي پئي وڃي، جڏهن ته ڪينٽ اسٽيشن، صغير شهيد روڊ، ايم اي جناح روڊ ۽ الڪرم اسڪوائر کان بس ٽرمينل فراهم ڪيا پيا وڃن. تائين شٽل سروس هلائي ويندي شرجيل ميمڻ لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي ته سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي مفادن کي نظر ۾ رکندي اهڙا قدم کنيا وڃن ته جيئن ٽرانسپورٽرن کي ڪو به نقصان نه پهچي ۽ مسافرن کي رليف ملي.

About Author

هي به ڏسي سگهو ٿا

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو، فائرنگ، هڪ ڄڻو مارجي ويو

دوداپور ڀرسان ٻن سئوٽن وچ ۾ معمولي ڳالھ تان جهيڙو ٿي پيو فائرنگ سبب هڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے