حيدرآباد ۾ جشنِ آزادي جي رات جدا جدا واقعن ۾ 2 نوجوان قتل ٿي ويا. جڏهن ته هڪ ڄڻو زخمي ٿي پيو. قتل ٿي ويل هڪ نوجوان جي وارثن لاش کڻي پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي پوليس خلاف نعريبازي ڪئي. رپورٽ مطابق هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ شهيد بينظير فلاءِ …
تفصيل »ٺارو شاهه ويجهو مسجد جو پيش امام ۽ ناري مبينا طور ڪارنهن الزام هيٺ قتل
ٺارو شاهه ويجهو ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪيل مولوي مشتاق سيال ۽ پرڻيل ناري نصرت ڪلهوڙو جا لاش 10 ڪلاڪن بعد پوليس کڻائي اسپتال منتقل ڪيا ڀاڳو ديرو ۽ ڪمال ديرو ٿاڻن جي پوليس ۾ حدبندي جي تڪرار سبب 10 ڪلاڪن تائين لاش واقعي واري هنڌ پيل رهيا، اڄ صبح …
تفصيل »انٽرويو شروع ٿي چڪا آهن، 20 سيپٽمبر تائين ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت اچي سگهي ٿي: شيخ رشيد جي دعويٰ
اڳوڻي وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد دعويٰ ڪئي آهي ته 20 سيپٽمبر تائين ٽيڪنو ڪريٽ حڪومت اچي سگهي ٿي ۽ انهي جي لاءِ انٽرويوز به شروع ٿي چڪا آهن. اڊيالا جيل ٻاهران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شيخ رشيد چيو ته اڄ 2 سال ٿي ويا، منهنجي مٿان 14 ڪيسز آهن …
تفصيل »لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار، (ن) ليگ جي 3 قومي اسيمبلي ميمبرن جي رڪنيت بحال
سپريم ڪورٽ لاهور هاءِ ڪورٽ جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي مسلم ليگ(ن) جي 3 قومي اسيمبلي ميمبرن جي ٻيهر ڳڻپ جون درخواستون منظور ڪندي کين بحال ڪري ڇڏيو. چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ قومي اسيمبلي جي تڪن اين اي 154، …
تفصيل »گورنر سنڌ جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ٿيو ته حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه آهي: فاروق ستار
متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار چيو آهي ته(ن) ليگ سنڌ جي گورنر جي تبديلي جو هڪ طرفو فيصلو ڪيو ته ايم ڪيو ايم لاءِ حڪومت ۾ رهڻ جو ڪوبه جواز نه هوندو. هن چيو ته سنڌ جو گورنر ايم ڪيو ايم جو گورنر …
تفصيل »دادو: شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ، عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا
دادو جي ڪچي واري علائقي موندر ٿاڻي جي حد ۾ شاهاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ جي نتيجي ۾ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن، جڏهن ته 12 کان وڌيڪ چوپايو مال گوليون لڳڻ سبب مري ويو، 16 ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو …
تفصيل »بلوچستان ۾ شمسي توانائي منصوبا موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اهم قدم آهن: اياز صادق
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق چيو آهي ته بلوچستان ۾ شمسي توانائي منصوبا موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ جي لاءِ اهم قدم آهن. وفاقي راڄڌاني ۾ منعقد ڪيل ريجنل پارليامينٽريز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق چيو ته جاپان جي مملڪتي وزير توشيڪو آبي …
تفصيل »ملڪ جي ترقي ۽ تعمير لاءِ نوجوانن کي موقعا ۽ وسيلا ڏيڻ اسان جو فرض آهي: صدر آصف زرداري
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ملڪ جي ترقي، تعمير جي لاءِ نوجوانن کي موقعا ۽ وسيلا ڏيڻ اسان جو فرض آهي. نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته مان پاڪستان جي متحرڪ نوجوانن کي دلي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. …
تفصيل »خيبرپختونخواهه جي حڪومت صحت ڪارڊ لاءِ وڌيڪ 3 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا
صحت ڪارڊ مان علاج ڪرائيندڙن لاءِ خوشخبري سامهون اچي وئي آهي، خيبرپختونخواهه جي ناڻي واري وزير صحت ڪارڊ جي لاءِ وڌيڪ 3 ارب روپيه جاري ڪري ڇڏيا. ناڻي بابت صوبائي صلاحڪار مزمل اسلم چيو آهي ته خيرپختونخواهه جي حڪومت طرفان صحت ڪارڊ لاءِ هينئر تائين 10 ارب 50 ڪروڙ روپيه …
تفصيل »حافظ نعيم سمجهي ٿو سمورن مسئلن جو حل ڌرڻو آهي، ڀلي شوق پورو ڪري وٺي:عظميٰ بخاري
اطلاعات جي صوبائي وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته حافظ نعيم الرحمان جيڪڏهن سمجهي ٿو ته سمورن مسئلن جو حل ڌرڻو آهي ته ڀلي اهو شوق پورو ڪري وٺي. سوشل پروٽيڪشن جي چيئرپرسن حنا پرويز بٽ سان گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي عظميٰ بخاري چيو ته جماعت اسلامي کي ته ايترا …
تفصيل »
Awami Mahaz Sindhi News Papers